
دڙو1
دڙو1: زمين جي سطح کان مٿانهين هنڌ کي دڙو ڪوٺيو وڃي ٿو. هن کي مختلف هنڌن تي مختلف نالن سان سڏيو ويندو آهي. مثال ٿرڙو، ڀڙو، دنب وغيرہ. دڙي جا ٽي مکيہ قسم آهن: (1) طبعي: جيڪي ڪن قدرتي طاقتن (هوا، پاڻي) جي عمل سان ٺهن، (2) هٿرادو: جيڪي ماڻهو پنھنجي مقصد يا ضرورت سان ٺاهن ۽ (3) جيڪي بستين جي ڦٽڻ يا تباھہ ٿيڻ ڪري ٺھن. پهرين ٻن قسمن جي دڙن کي غير ثقافتي دڙا چئجي ٿو ۽ آخريءَ کي ثقافتي دڙا ڪري سڏبو آهي. پهرئين قسم جي دڙن ۾ بعضي قدرتي سببن کان سواءِ انساني عمل بہ شامل هوندو آهي، پر انهن ۾ ثقافتي وٿون يا تھہ، جوڙ يا تسلسل وغيرہ نہ هوندو آهي. ثقافتي دڙن ۾ ثقافتي وٿون، اهڃاڻ، سلسلو ۽ تھہ جوڙ جي خاص ترتيب هوندي آهي. قديم آثارن جي حوالي سان دڙن کي وڏي اهميت هوندي آهي، ڇاڪاڻ تہ پراڻيون بستيون گهڻو ڪري دڙن جي صورت ۾ هونديون آهن. انهن جي کوٽاين مان مليل وٿن ۽ سائنسي، ٽيڪنيڪي ڄاڻ مان ملڪن/ قومن جي تاريخ جا ورق جڙندا آهن. بهرحال ڪي ٿورا ماڳ قدرتي تبديلين جي ڪري زمين جي سطح کان هيٺ بہ دٻيل ملندا آهن.
ٿر ۾ اهڙا ڪيترائي دڙا موجود آهن. اهڙيءَ ريت سنڌ ۾ ڪيترا تاريخي ماڳ دڙن جي نالن سان مشھور آهن، جھڙوڪ: لاڙڪاڻي ضلعي ۾ موهن جو دڙو، جهڪر جو دڙو، ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪاهوءَ جو دڙو، نوابشاھہ ضلعي (بينظير آباد)، دانهونءَ جو دڙو، ۽ سکر ۾ لاکين جو دڙو وغيرہ.