دڙو2 (شھر): هيءُ شھر ضلعي ٺٽي جي تعلقي ميرپوربٺوري جو ٻيو نمبر وڏو شھر آهي. هن شھر کي ٽائون ڪاميٽيءَ جو درجو مليل آهي ۽ ان جي آدمشماري ڏهن هزارن جي لڳ ڀڳ آهي. هي شھر واپار جو مرڪز پڻ آهي. هي شھر سنڌو درياھہ جي ويجهو هئڻ ڪري هتي ٻيلي جو ڪاٺ سٺو ۽ سستو ملي ٿو. ڪچي کي ويجهو هئڻ سبب ڪافي تجارت ٿئي ٿي. هن شھر ۾ هڪ هائر سيڪنڊري اسڪول ۽ هڪ گرلز هاءِ اسڪول قائم آهي. هن شھر جي مشھور ماڻهن ۾ مشھور شاعر ۽ محقق موتي پرڪاش، چيئرمئن سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، ڊاڪٽر غفور ميمڻ ، ڊاڪٽر محمد يعقوب ميمڻ، زرعي يونيورسٽي ٽنڊي ڄام جو اڳوڻو وائيس چانسلر، ڊاڪٽر رجب علي ميمڻ، نامور سماج سڌارڪ ۽ تعليمدان عبدالغفور الستي، مشھور اديب يوسف سنڌي، ملهار سنڌي وغيرہ شامل آهن.