دڙي واري مسجد: هيءَ مسجد تعلقي موري جي لوهار محلي ۾ هڪ دڙي تي قائم آهي. هن مسجد جي قدامت لاءِ ڪا بہ روايت نٿي ملي. هن مسجد جو شمار موري جي قديم مسجدن ۾ ٿئي ٿو. هن مسجد ۾ هڪ مڪتب ۽ مدرسو قائم ٿيل هو، جنهن ۾ لاڙ کان لڏي آيل هڪ درويش صفت بزرگ ميان الھہ اوباهيو سومرو درس ڏيندو هو. ان کانپوءِ ملا محمد پريل ميمڻ ان مسجد جي سار سنڀال ڪندو هو ۽ درس بہ ڏيندو هو. لوهار خاندان مان ڪيترائي ماڻهو هن مسجد جي مدرسي مان ديني تعليم حاصل ڪري حافظ ٿي نڪتا، جن کي حافظ گهراڻي جو لقب مليل آهي.