دڙِي4: دڙِي، بلوچن جي چيف سردار مير سندر خان سندراڻيءَ جو ڳوٺ آهي، جيڪو تعلقي ڪنڌڪوٽ ۾ نيشنل هاءِ وي تي واقع آهي. هن ۾ گورنمينٽ هائر سيڪنڊري اسڪول تائين تعليمي ادارو ۽ اسپتال آهي. سنڌو درياھہ جي موج مستيءَ جي ڪري هيءَ دڙي ٽيو دفعو ٻڌل آهي. اڳين دڙين جا نشان بہ نہ بچيا آهن. 2010ع واري مھا ٻوڏ بہ هن دڙيءَ تي ڪاھہ ڪئي ۽ ڪيترين جاين کي نقصان پهتو.