دکن

دکن: سنسڪرت ۾ ’دکن‘ جي معنيٰ ڏکڻ آهي. دکن هڪ اپ ٻيٽ آهي، جيڪو ’ونڌيا‘ جبل کان شروع ٿي راس ڪماريءَ تائين پکڙيل آهي. ان جي الهندي وارو ڪنارو ڪوڪن ۽ ملبار سڏجي ٿو ۽ اڀرندي وارو ڪنارو ڪارو منڊل سڏجي ٿو. ڏکڻ هندستان ۾ هڪ شھر حيدرآباد دکن آهي، جتان جي اردو لهجي کي ’دکني‘ چئبو آهي. ولي دکني اردوءَ جو اوائلي شاعر بہ دکن جي نسبت سان ’دکني‘ سڏيو ويو آهي. شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ سر سارنگ ۾ جڳ مشھور طويل بيت ’سائينم سدائين، ڪريم مٿي سنڌ سڪار‘ ۾ دکن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
’ڪي دلي، ڪي ’دکن‘، گڙن مٿي گرنار‘.


لفظ دکنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو