ذاريات (سورة): ذاريات قرآن مجيد جي ايڪونجاهين سورة آهي، جنهن ۾ ٽي رڪوع ۽ سٺ آيتون آهن. هي سورة مڪي ۾ نازل ٿي. ’ذاريات‘ انهن هوائن کي چيو ويندو آهي، جيڪي شين کي اڏائڻ جو ڪم ڪنديون آهن. يعني ٻج کي هڪ هنڌان اڏائي ٻئي هنڌ تي پهچائينديون آهن. حق جي حوالي سان بہ اهو ئي معاملو آهي ۽ اهو هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ ڦهلجندو ويندو آهي ۽ ان جا مخالف ان کي روڪي نہ سگهندا آهن. اها ڳالھہ هن سورة جي منڍ ۾ ٻڌائي وئي آهي. هن سورة جو وڏو حصو آخرت جي باري ۾ آهي ۽ ماڻهن کي خبردار ڪيو ويو آهي تہ نبين جي ڳالھہ کي نہ مڃڻ ۽ پنهنجن جاهلاڻن نظرين تي اڙجي بيهڻ سندن لاءِ نقصانڪار آهي. مقصد تہ آخرت جي باري ۾ نبي جيڪو ڪجهہ چوندا آيا آهن، ان تي هنن کي سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ گهرجي. نہ رڳو ڪائنات جي نظام، پر پنھنجي وجود تي بہ نظر وجهڻ گهرجي تہ ڇا ان علم جي شاهدي هر طرف کان ڏني پئي وڃي يا نہ.
آخر ۾ توحيد جي دعوت ڏيندي ٻڌايو ويو آهي تہ توهان جي رب توهان کي ٻين جي بندگيءَ لاءِ نه، پر پنھنجي بندگي لاءِ پيدا ڪيو آهي ۽ اهو ئي اڪيلو رب توهان جو رزاق آهي. اهو بہ ٻڌايو ويو آهي، تہ ماڻهو پنھنجي نبين جو مقابلو ڪنهن ٺوس بنياد ۽ حقيقتن تي نہ ٿا ڪن، پر پنھنجي ضد ۽ هٺ ڌرميءَ جي بنياد تي ڪن ٿا. گڏوگڏ نبي پاڪ صلي ﷲ عليہ وسلم کي چيو ويو آهي تہ انهن جاهلن جي پرواھہ نہ ڪري ۽ پنھنجي دعوت جاري رکي. اهي نہ مڃيندا تہ کين عذاب ملندو.