ذاڪر

ذاڪر: ’ذاڪر‘ هڪ صفاتي لفظ آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ آهي احوال ڪندڙ يا ذڪر ڪندڙ. ’ذاڪر‘ لفظ ’ذڪر‘ مان ورتل آهي ۽ ذڪر جي لفظي معنيٰ آهي ’يادگيري‘. الله پاڪ جي ذڪر ڪندڙ کي به ذاڪر چيو وڃي ٿو. فقھ جعفريه مسلڪ ۾ ذاڪر لفظ کي وڏي اهميت حاصل آهي. اڪثر امام بارگاهن يا مسجدن ۾ مجلس پڙهڻ وارن خطيبن کي ’ذاڪر‘ چيو وڃي ٿو. شيعه مسلڪ جي خطيبن کي ٻن الڳ حيثيتن ۾ سڃاتو وڃي ٿو، جن مان هڪڙا خطيب ’مولوي يا علامه‘ ۽ ٻيا ’ذاڪر‘ سڏبا آهن. مولوي يا علامه عام طور تي انهن خطيبن کي سڏجي ٿو، جن جي بيان جو اندازو تقرير وارو هجي ۽ ’ذاڪر‘ انهن خطيبن کي چيو ويندو آهي، جن جي بيان ڪرڻ جو طريقو سوز وارو هجي. ذاڪر اڪثر پنهنجي بيان دؤران پر سوز انداز ۾ مرثيه، نوحه، قصيده ۽ منقبت به پڙهندا آهن. پاڪستان ۾ کوڙ سارا شيعا فرقي سان تعلق رکندڙ خطيب اهڙا آهن، جيڪي لفظ ذاڪر سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا ۽ لفظ ذاڪر انهن جي نالي جو حصو بڻيل آهي. جيئن ذاڪر عطا حسين مهاجر، ذاڪر عاشق حسين نابينا، ذاڪر غلام قنبر، ذاڪر شاهد حسين وغيره.


لفظ ذاڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو