
ذاڪري درگاهه
ذاڪري درگاھہ: پير ذاڪري جي درگاھہ تعلقي سڪرنڊ ضلعي نوابشاھہ ۾ گهنڊيا ويجهو ڳوٺ پريل شاھہ ۾ آهي. هن درگاھہ جو بنياد
پير روضي ڌڻيءَ رکيو. اهو بزرگ اصل ۾ قادري سلسلي جي پيروي ڪندڙ هو. هيءَ درگاھہ صوفياڻي فڪر جي ترغيب جي نسبت اهميت واري آهي. سيد روضي ڌڻي کانپوءِ ان جو فرزند سيد احمد شاھہ درگاھہ جو گادي نشين ٿيو ۽ هينئر ان جو فرزند سيد منير احمد شاھہ گادي نشين آهي.
درگاھہ جي عمارت جديد طرز جي ٺهيل آهي. هن جي مهاڙي ۾ نمائشي وننگن سان ٽنهي طاقن ۾ چوڪاٺن سان در آهن. طاقن ۾ دروازن جي مٿان ڪالم ڪڍي، قرآن شريف جون آيتون لکيون ويون آهن. مهاڙيءَ ۾ سمورو ڪم ڪاشيءَ جو ٿيل آهي. پيڙھہ وٽان ڪاشيءَ جون نيريون، وڏي گل واريون سرون لڳل آهن. مهاڙي واري وچئين در جي ٻنهي پاسن کان ٻہ جارا ڇڏيا ويا آهن. مهاڙيءَ ۾ ٻيڙ ٻني تي جنسار واريون ڄاريون آهن. وچ وارو طاق مهاڙيءَ تي تاج ٺاهي ٿو، تاج جي ٻنهي پاسن تي منارا ۽ انهن تي نيلون لڳل آهن. درگاھہ جي مهاڙيءَ جي ٻنهي پاسي پيڙھہ کان ٿنڀ آهن، جيڪي مٿي منارا ٺاهين ٿا. هيءَ درگاھہ ڪافي ڪشادي آهي. مهاڙيءَ واري لنگهہ کان اندر اڱڻ ۽ ٻن طرفن توڙي سامهون ٻيا بہ هجرا آهن سامهون واري مرڪزي اڏاوت مسجد جي آهي، جنهن جي پاسي ۾ مسافر خاني جي ڪوٺي تعمير ٿيل آهي. درگاھہ جي مرڪزي عمارت جي مهاڙي ٻاهرين لنگهہ جي نموني جي آهي، ڇت تي چار گنبذ آهن، جن تي ابتن ڪوڻي گلن مٿان نيلون رکيل آهن. عمارت جي سامهون ٿنڀن تي گنبذي ڇٽي آهي. پاسي ۾ ٽن دروازن سان هجرو آهي، جنهن جو وچ وارو دروازو اڱڻ مان اندر هجري ۾ کلي ٿو. دروازي جي مٿان پٽي تي درگاھہ حضرت سيد محمد شاھہ جيلاني ذاڪري لکيل آهي. هجري جي ڇت تي پنج گنبذ رکيا ويا آهن، جن مان وچ وارا ٽي گنبذ ننڍا آهن. درگاھہ جي وچ واري مرڪزي عمارت مسجد آهي، جنهن ۾ نماز پڻ ادا ڪئي وڃي ٿي. طرز تعمير جي لحاظ کان هيءَ درگاھہ جديد طرز عمارت سازيءَ جو بھترين نمونو آهي. درگاه، مسجد توڙي اڱڻ ۾ مرمر جي فرش بندي ڪيل آهي. درگاھہ جي عمارت توڙي مسجد تي تمام خوبصورت جنسار ڪيو ويو آهي.