پير سيد محمد شاهه، ذاڪري جي مزار جو ڏيک

پير سيد محمد شاهه، ذاڪري جي مزار جو ڏيک

ذاڪري سيد محمد شاھہ

ذاڪري، سيد محمد شاھہ: مشھور عالم، صوفي ۽ اهل طريقت بزرگ سيد محمد شاھہ، ذاڪري، جيلاني خاندان مان هو، سندس وڏا اصل ڪشمير جا رهاڪو هئا. انگريزن جي دؤر ۾ سندس والد محمد شير شاھہ پنھنجي مرشد خواجہ نظام الدين ڪيان شريف آزاد ڪشمير واري جي حڪم سان ديني تعليم ۽ ذڪر اذڪار لاءِ سنڌ ۾ لاڙ طرف آيو. لاڙ ۾ تلهار ويجهو سندس درگاھہ ۽ مزار موجود آهي. والد جي وصال کانپوءِ سيد محمد شاھہ نواب شاھہ ضلعي ۾ مختلف هنڌن تي رهي، آخر ۾ سڪرنڊ شھر کان اتر طرف ميل کن پنڌ تي قومي شاهراھہ لڳ خانقاھہ ۽ مسجد جو بنياد رکي فيض عام ڪيو. پاڻ قادري سلسلي سان واسطو رکندڙ هو. ان ڪري درگاھہ تي هميشہ افضل ذڪر لا الٰھ الا جي تنوار جاري هوندي هئي. تنهنڪري ذڪر ڪندڙ يا ’ذاڪري‘ مشھور ٿيو.
پير صاحب جا سائين جي. ايم. سيد ۽ محرابپور واري بزرگ سيد حسن بخش شاھہ سان ويجها تعلقات هئا. سندس خط و ڪتابت سائين جي. ايم. سيد جي ڪتابن ۾ موجود آهي. وڏو مصلح ۽ سماج سڌارڪ هو. سندس تعليم ۽ فيض جي اثر سبب ڪيترا چور، ڏاڍا مڙس ۽ ڏوهن ۾ ڦاٿل ماڻهو سندس صحبت ۾ رهي شريعت جا پابند بڻيا ۽ ڪيترا فقير ٿيا. پير صاحب جيئري ئي پنھنجي قبر جوڙائي هئي ۽ پوءِ مٿس روضو تعمير ٿيو. ان ڪري ’روضي ڌڻيءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو.
سندس وفات 29 جمادي الاول 1355ھہ/ 18 آگسٽ 1936ع تي ٿي. سندس وصال کانپوءِ سندس فرزند احمد شاھہ '>سيد احمد شاھہ (’سھڻي سائين‘) درگاھہ ۽ سلسلي کي وڌايو. سندس مريديءَ جو سلسلو چئني صوبن تائين وسيع رهيو آهي. ’سھڻي سائينءَ‘ جا فرزند منير احمد شاھہ ۽ محمد حنيف شاھہ بہ قديم ۽ جديد علم جي زيور سان سينگاريل آهن ۽ هن وقت سيد منير احمد شاھہ درگاھہ ذاڪري سڪرنڊ جو سجادہ نشين آهي، جڏهن تہ سيد حنيف شاھہ تلهار واري درگاھہ کي سنڀالي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو