ذاڪر علي خان

ذاڪر علي خان: ناليواري تعليمدان ذاڪر علي خان جولاءِ، 1926ع ۾ رامپور، هندستان ۾ جنم ورتو. هن مئٽرڪ جو امتحان رامپور ۾، 1945ع ڌاري بي. ايس. سي عليڳڙھہ ۽ 1948ع ۾ انجنيئرنگ ۾ بي. ايس. سي بہ ساڳئي شھر مان ڪئي. پنھنجي پيشوراڻي زندگيءَ دوران هو ڪراچي واٽر اينڊ سيورج بورڊ جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر، ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن ۾ چيف انجنيئر، سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اعزازي وائيس چانسلر، ساڳيءَ يونيورسٽيءَ جي بورڊ آف گورنرس جو باني ميمبر، عليڳڙھہ انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجيءَ جو باني ميمبر، پاڪستان ائسوسيئيشن آف سائنٽسٽس اينڊ سائنٽفڪ پروفيشنلز جو صدر ۽ ڪراچي يونيورسٽي سينڊيڪيٽ ۽ ڪراچي يونيورسٽي اڪئڊمڪ ڪائونسل سليڪشن بورڊ جو ميمبر پڻ رهيو.
هو 1960ع کان ويندي وفات تائين عليڳڙھہ مسلم يونيورسٽي اولڊ بوائز ائسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري پڻ رهيو. ذاڪر علي خان کي سندس خدمتن جي ڪري عليڳڙھہ اليومناءِ ائسوسيئيشن ۽ نيويارڪ اليومناءِ اوارڊ 2000ع سان بہ نوازيو ويو. کيس 2008ع ڌاري عليڳڙھہ مسلم يونيورسٽي آف انڊيا طرفان پهريون سيد احمد خان'>سر سيد احمد خان جو عالمي ادب انعام مليو.
هن هاڪي، ٽينس ۽ ٻين راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ وڏي جدوجھد ڪئي ۽ ٽيم مئنيجر طور ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا. هن فيبروري 2012ع ۾ 86 ورهين جي عمر ۾ وفات ڪئي. هن کي هڪ ڌيءَ ۽ 3 ٽن پٽن جو اولاد ٿيو، جيڪي معروف ٽينس رانديگر آهن.


لفظ ذاڪر علي خانھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو