
ذاڪر نائڪ ڊاڪٽر
ذاڪر نائڪ، ڊاڪٽر: نامور عالم ۽ خطيب ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جو اصل نالو عبدالڪريم نائڪ آهي، سندس جنم 18 آڪٽوبر 1965ع تي بمبئي هندستان ۾ ٿيو. هن پنھنجي ابتدائي تعليم ايس. ٽي پيٽرس هاءِ اسڪول بمبئيءَ ۾ ورتي. ان کانپوءِ هو ڪشنچند چيلارام ڪاليج ۾ پڙهيو. بعد ۾ بمبئي يونيورسٽيءَ مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1991ع ڌاري هن اسلامڪ ريسرچ فائونڊيشن جو بنياد وڌو ۽ اسلامي تبليغ شروع ڪيائين. ذاڪر نائڪ شيخ احمد ديدات هڪ مشھور داعيءَ کان متاثر ٿي هن طرف آيو. ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ مسلمانن توڙي غير مسلمانن ۾ هڪ جيترو مقبول آهي. مذهبي حوالي سان سندس ڪيتريون ئي مشھور ۽ معروف تقريرون انٽرنيٽ، ڊجيٽل ڊِسڪن، ڪتابن ۽ سندس نجي کوليل چينل ’Peace TV‘ تي موجود آهن.
سندس تقريرن جا اڪثر موضوع ’اسلام ۽ جديد سائنس‘، ’اسلام ۽ عيسائيت‘، ’اسلام ۽ سيڪيولرزم‘ وغيرہ تي مشتمل آهن. هن بمبئي عالمي اسلامي اسڪول جو بنياد وڌو آهي. ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ اپريل 2000ع ۾ عيسائيت جي ناليواري مذهبي عالم وليم ڪئمبل سان آمريڪا جي شھر شڪاگو ۾ مباحثو ڪيو، جنهن جو موضوع ’قرآن ۽ بائيبل‘ هو. هندستان جي مشھور مذهبي رهنما شري شري روي شنڪر سان بہ سندس مذهبي بحث ٿيو، جنهن جو موضوع ’اسلام ۽ هندو ڌرم ۾ خدا جو تصور‘ هو. 2007ع کان اڄ تائين دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جهڙوڪ، ڪئناڊا، آمريڪا، برطانيه، هندستان وغيرہ ۾ 10 امن ڪانفرنسون ڪري چڪو آهي. هن پنھنجي ڪيترين ئي تقريرن ۾ دهشتگردي ۽ خودڪش حملن کي ننديو ۽ قرآن پاڪ جي آيتن ذريعي انهن عملن کي غلط ثابت ڪيو.
ڊاڪٽر ذاڪر اسلام ۾ عورتن جي حقن تي بہ ڪيتريون تقريرون ڪيون آهن. مٿس مختلف حوالن سان تنقيد بہ ٿيندي رهي آهي، جن تنقيدن جي روشنيءَ ۾ ’انڊين ايڪسپريس‘ جي هڪ سروي موجب ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ ڀارت جي 100 اثر رسوخ وارين شخصيتن ۾ 89 نمبر تي آهي.
سندس مشھور تصنيفن ۾: (1) ‘The Concept of God in Major Religions’ ۽ (2) ‘The Quran & Modern Science’ شامل آهن.
1965.10.18 عيسوي
نامور عالم ۽ خطيب ڊاڪٽر ذاڪر نائڪ جو جنم 18 آڪٽوبر 1965ع تي بمبئي هندستان ۾ ٿيو.