ذبح

ذبح: ذبح جو مطلب آهي ڪنهن بہ حلال جانور يا پکيءَ کي شريعت مطابق قربان ڪرڻ، ڪھڻ يا حلال ڪرڻ. شريعت محمدي مطابق ذبح ڪرڻ جا ٻہ قسم آهن: (1) ذبح اختياري ۽ (2) ذبح ضرورت.
(1) ذبح اختياري: ذبح اختياريءَ جي معنيٰ حلال جانور کي پنھنجي وس يا مرضيءَ مطابق ڪھڻ يا ذبح ڪرڻ آهي. اهو تڏهن جائز آهي، جڏهن حلال جانور کي ڪھڻ وقت ڪهندڙ شخص بسم ﷲ- اڪبر چئي ذبح ڪري. شريعت موجب ذبح ڪرڻ يا ڪھڻ جا ڪيترائي شرط آهن، جھڙوڪ: جانور جي نڙگهٽ ۽ ان سان لاڳاپيل رڳن کي چڱيءَ ريت ڪپڻ، مئل جانور نہ ڪهڻ، ڪھڻ واري اوزار جو تيز هجڻ، ڪھڻ وقت تڪبير (بسم ﷲ ۽ اڪبر) چوڻ وغيرہ.
ذبح جي ضرورت ۽ ذبح جي مسئلن بابت مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو ڪتاب ’ذبح شڪار‘ (2011ع) پڙهي سگهجي ٿو.


لفظ ذبحھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو