ذهبي

ذهبي: شمس الدين ابو عبدالله محمد بن احمد بن عثمان بن قايماز بن عبدالله الترڪماني الفارقي الدمشقي الشافعي ذهبي، هڪ عرب تاريخدان ۽ ديني عالم ٿي گذريو آهي، جنهن 673 ھہ/ 1274ع ۾ جنم ورتو. هن فقھ ۽ حديث جي تعليم حاصل ڪئي. قاهره جي مستند عالمن وٽ سڀ کان وڌيڪ عرصو تعليم حاصل ڪندي گذاريائين. هن جي استادن جو تعداد 1300 کان وڌيڪ آهي. علم جي تحصيل کان پوءِ دمشق ۾ حديث جو استاد مقرر ٿيو. کيس حديث، فقھ ۽ تاريخ ۾ ممتاز حيثيت حاصل هئي. هو ڏينهن رات مطالعي ۾ مصروف رهندو هو. 471ھہ ۽ 743ھہ جي وچ ۾ سندس نظر ختم ٿي وئي. سيرت نگارن کيس محدث العصر ۽ خاتم الحفاظ جي لقبن سان ياد ڪيو آهي. هن جون تصنيفون حديث ۽ علم الرجال بابت تمام گهڻيون مشھور ٿيون. تاريخ الاسلام سندس سڀ کان وڏو ڪتاب آهي. هيءَ تاريخ رسول ڪريم صلي عليہ وسلم جي نسب نامي سان شروع ٿي، 700ھہ تي ختم ٿئي ٿي. حديث جي شعبي ۾ سندس هيٺيون تصنيون مشھور آهن: (1) تذهيب الڪمال في اسـماء الرجال، (2) المشتبه في اسماء الرجال. هن 748ھہ/ 1348ع ۾ وفات ڪئي.


لفظ ذهبيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو