ذهين شاھہ تاجي: مشھور بزرگ ۽ عالم ذهين شاھہ تاجيءَ جو اصل نالو محمد طاسين فاروقي هو ۽ هن 1904ع ڌاري ضلعي توڙوائي/ جئپور ۾ جنم ورتو. ذهين شاھہ تاجيءَ جي والد سندس تعليم جو سٺو بندوبست ڪيو. هيءُ هڪ ئي وقت عربي، فارسي، اردو، هندي سنسڪرت ۽ انگريزيءَ جو سٺو ڄاڻو هو ۽ کيس ٻين علمن جي ڄاڻ بہ هئي. ذهين شاھہ تاجي، بابا تاج الدين ناگپوريرحه جي خليفي حضرت بابا يوسف شاھہ تاجيءَ جي هٿ تي بيعت ڪئي ۽ انهن جو خليفو ٿي رهيو. هن حضرت تاج الدين ناگپوريءَ جو تذڪرو ’تاج الاولياء‘ جي نالي سان مرتب ڪيو. هن منصور حلاج جي ڪتاب ’الطواسين‘ جو ترجمو بہ ڪيو ۽ اسلام جي وهابي مڪتبهء فڪر سميت اسلامي احڪامن تي هڪ جامع ڪتاب بہ لکيو. عقيدت وچان کيس بابا ذهين شاھہ تاجي سڏين ٿا. هيءُ سٺو شاعر بہ هو ۽ سندس شاعريءَ جا ڪيترا مجموعا شايع ٿيل آهن. بابا ذهين شاھہ تاجي 23 جولاءِ 1978ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي. سندس مزار ميوه شاھہ قبرستان، ’آستانه تاجيه‘ ۾ آهي.