ذوالحج

ذوالحج: اسلامي تقويم ۾ سال جو ٻارهون ۽ آخري مهينو. سال جي چئن حرمت وارن مهينن ۾ ذوالحج مهينو بہ شامل آهي، هن ئي مهيني جي ڏهين تاريخ اسلام جو پنجون رڪن حج ادا ڪيو ويندو آهي. تعاليٰ وٽ هن مهيني جو پهريون ڏهاڪو وڌيڪ پيارو آهي.
حديث شريف ۾ آهي تہ: ”مهينن ۾ ڪو بہ مهينو ذوالحج کان وڌيڪ حرمت وارو ڪونهي.“ (لطائف المارف). مُسنَد بزار ۾ حضرت ابو سعيد خُدريرضه کان روايت آهي تہ: ”مهينن جو سردار مهينو ’رمضان‘ آهي ۽ سڀني کان وڌيڪ تعظيم وارو مهينو ذوالحج آهي. ذوالحج مهيني جا ڪجهہ خاص ڏينهن وڌيڪ فضيلت وارا آهن. خاص ڪري نائين، ڏهين، يارهين، ٻارهين ۽ تيرهين تاريخن کي ’ايام التشريق‘ چيو وڃي ٿو، انهن ڏينهن ۾ هر فرض نماز کانپوءِ تڪبيرون پڙهجن ٿيون.
حديثن ۾ ذوالحج جي پهرين ڏهاڪي جي ڏينهن جي تمام وڏي فضيلت بيان ٿيل آهي. انهن ڏينهن ۾ تڪبيرون گهڻيون پڙهبيون ۽ ڪثرت سان عبادت ڪبي آهي.
ﷲ تعاليٰ کي انهن ڏينهن جي عبادت تمام گهڻي پسند آهي. سموري دنيا جا مسلمان عيدالاضحيٰ ٻہ رڪعتون نماز جماعت سان ادا ڪري خطبو ٻڌي پوءِ وس آهر قرباني ڪندا آهن.
هن مهيني جي ڪن اهم واقعن ۾ هي آهن:
(1) بيعت عقبه: مديني جي صحابہ ڪرام منيٰ (مڪي) ۾ نبي ڪريم صلي عليہ وسلم جن سان بيعت ڪئي،
(2) جنگ بدر کانپوءِ پاڻ سڳورن صلي عليہ وسلم جي نياڻي حضرت فاطمة الزهرهرضه جي شادي سندن سؤٽ حضرت عليعه سان ٿي.
(3) مھر نبوت: پاڻ ڪريمن صلي عليہ وسلم جن عجم جي بادشاهن ڏانهن ذوالحج 10ھہ ۾ تبليغي خط لکيا ۽ انهن تي مھر نبوت ’محمد رسول ‘ لڳائي وئي.
(4) بن محمد صلي عليہ وسلم'>ابراهيم بن محمد صلي عليہ وسلم جن جي ولادت: ذوالحج 8 ھہ تي حضرت بيبي ماريه قبطيه جي بطن مبارڪ ٿي.
(5) اسلام جي پهرين عيد الاضحيٰ: 10 ذوالحج 2 ھہ ۾ مديني جي سرزمين تي پڙهي وئي.
(6) 13 ذوالحج 35 ھہ ۾ حضرت عثمان رضہ شھيد ٿيو. 28 ذوالحج تي حضرت علي عليہ السلام خلافت جي مسند تي ويٺو.


لفظ ذوالحجھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو