ڊاڪٽرذوالفقار سيال

ڊاڪٽرذوالفقار سيال

ذوالفقار سيال ڊاڪٽر

ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر: شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين. آر. ايم. او (ايڊمنسٽريشن) ايل. ايم. سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (1989ع-1988ع) رهيو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم. ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو بہ رهيو. ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي. هن جون ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ’ٻارن جي صفحن‘ ۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون. چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو (1976ع-1974ع) جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ’سنگت‘ مخزن جو چيف ايڊيٽر (2008ع- 2006ع) رهيو. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو. 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل. ايم. سي شاخ جو سيڪريٽري ٿيو. هو 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. پاڻ سٺو ڪمپيئر بہ هو، ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن ۾ ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪئي. هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن (’ڪن ۽ ڪنارا‘، ’پرھہ کانپوءِ‘، ’غازي عبدالقيوم شھيد‘، ’درد ڪو جو زبان ملي‘) ۾ اداڪاري بہ ڪئي. هـن جــي شـاعــريءَ جــا چــار ڪــتاب: (1) ’رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا‘، (2) ’ڳاڙها هٿ پيلا چھرا‘، (3) ’چھرا چنڊ گلابن جھڙا‘ ۽ (4) ’بارش کانپوءِ‘ ڇپيل آهن، انھن کانسواءِ سندس ٻاراڻي شاعريءَ جا پڻ ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. هن 15 فيبروري 2025ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2025.02.15  عيسوي

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 15 فيبروري 2025ع تي وفات ڪئي .


1957.05.28  عيسوي

مشھور شاعر، اديب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سرويچ سجاولي
سيد رحمت ﷲ بکري
دانتي
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
اٻوجهو الھہ بخش
شيخ عبدالسبحان ٺٽوي
خوشحال خان خٽڪ
اڪبر بجير ٿري
محمد محسن پاٽولي ٺٽوي
حيدر خان ٻروچ
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون