ڊاڪٽرذوالفقار سيال

ڊاڪٽرذوالفقار سيال

ذوالفقار سيال ڊاڪٽر

ذوالفقار سيال، ڊاڪٽر: شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم. بي. بي. ايس جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد 1984ع ۾ ڪميشن جو امتحان ڏئي، چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج کان عملي زندگيءَ جي ابتدا ڪيائين. آر. ايم. او (ايڊمنسٽريشن) ايل. ايم. سي حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻو (1989ع-1988ع) رهيو. ان کان سواءِ اسسٽنٽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر حيدرآباد، ايڊيشنل پوليس سرجن جناح اسپتال ڪراچي ۽ ايم. ايس چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال لاڙڪاڻو به رهيو. ذوالفقار سيال 1971ع ڌاري لکڻ جي شروعات ٻاراڻي ادب کان ڪئـي. هن جون ٻارن لاءِ ڪھاڻيون ۽ شاعري مختلف اخبارن جـي ’ٻارن جي صفحن‘ ۾ ڇـپـجـــنــديـون رهيون. چـانـڊوڪــي پـبليڪيشن لاڙڪاڻي جو (1976ع-1974ع) جو ايڊيٽر ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي ’سنگت‘ مخزن جو چيف ايڊيٽر (2008ع- 2006ع) رهيو. هو سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي جو ميمبر ۽ 1972ع ۾ ان جو سيڪريٽري بڻيو. 1976ع ۾ سنڌي ادبي سنگت ايل. ايم. سي شاخ جو سيڪريٽري ٿيو. هو 1996ع ۾ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي ۽ 2006ع ۾ ٻن سالن لاءِ سنگت مرڪز جو سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو. پاڻ سٺو ڪمپيئر به هو، ٽي. وي جي ڪيترن پروگرامن ۾ ميزبان جي حيثيت سان ڪمپئرنگ ڪئي. هن ڪيترن سنڌي ۽ اردو ڊرامن (’ڪن ۽ ڪنارا‘، ’پرهه کانپوءِ‘، ’غازي عبدالقيوم شھيد‘، ’درد ڪو جو زبان ملي‘) ۾ اداڪاري به ڪئي. هـن جــي شـاعــريءَ جــا چــار ڪــتاب: (1) ’رڻ سڄـــو ئــي رت ڦڙا‘، (2) ’ڳاڙها هٿ پيلا چھرا‘، (3) ’چھرا چنڊ گلابن جھڙا‘ ۽ (4) ’بارش کانپوءِ‘ ڇپيل آهن، انھن کانسواءِ سندس ٻاراڻي شاعريءَ جا پڻ ڪيترائي ڪتاب ڇپيل آهن. هن 15 فيبروري 2025ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

2025.02.15  عيسوي

ڊاڪٽر ذوالفقار سيال 15 فيبروري 2025ع تي وفات ڪئي .


1957.05.28  عيسوي

مشھور شاعر، اديب، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال ولد سرائي محمد خان سيال 28 مئي 1957ع تي ڳوٺ فريدآباد، تعلقي باقراڻي، ضلع لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ابو ضلع السندي
شهنشاهه هالائي
پير ابراهيم شاهه، رام ٻاراهو
پورن کٽواڻي سائل
مير علي نواز خان ٽالپر
آتش سنڌي
عبدالله عبد انصاري
رفيق امروٽي
پياسي نظر چانڊيو
عبدالغفور مفتون همايوني
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون