ذوالقعد

ذوالقعد: ذوالقعد اسلامي هجري سال جو يارهون مهينو آهي. تعاليٰ قرآن مجيد ۾ جن مهينن جي حرمت جي واکاڻ ڪئي آهي. ذوالقعد انهن مان هڪ آهي. عرب هن مهيني ۾ جنگ کان پاسيرو رهندا هئا، ان ڪري هن مهيني جو نالو ذوالقعد (قُعود: ويهڻ) يعني ويهڻ وارو رکيو ويو. اڪثر مسلمان هن مهيني ۾ حج لاءِ حرمين شريفين ويندا آهن. حضرت موسيٰ ڪليم ڪوھہ طــُور تي تعاليٰ جي حڪم سان جيڪي چاليھہ ڏهاڙا روزي ۽ عبادت ۾ گذاريا، تن مان 30 ڏينهن ذوالقعد ۽ ڏھہ ڏينهن پهريان ذوالحج جا هئا. حضرت ابراهيم خليل ۽ اسماعيل ذبيح الله، ڪعبة جو بنياد ذوالقعد جي پنجين تاريخ تي رکيو. حضرت يونس عليہ السلام چوڏهين ذوالقعد تي مڇيءَ جي پيٽ مان نڪتو. حضور نبي ڪريم صلي عليہ وسلم هڪ عمري کان سواءِ ٻيا سڀ عمرا ذوالقعد ۾ ادا ڪيا. بيعة الرضوان 6 هجريءَ ۾ هن مهيني ۾ ٿي، ان سال مڪي جي ڪافرن عمري ڪرڻ کان کين روڪيو ۽ پاڻ حديبيه جي مقام وٽ پنھنجي جان نثار صحابہ ڪرام کان وفاداريءَ جو عھد ۽ اقرار ورتائون. هن ئي مهيني جي يارهين تاريخ تي حضرت امام علي رضا عليہ السلام جي ولادت ٿي. هن ئي مهيني جي 27 تاريخ 998ھہ تي سنڌ جي ڪامل ولي حضرت مخدوم نوح سرور رح وفات ڪئي.


لفظ ذوالقعدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو