ذوالڪفلعه

ذوالڪفلعه: ’ذوالڪفل‘ جو قرآن پاڪ ۾ بہ نبين سان گڏ ذڪر آيو آهي. ڪجهہ مفسرن ’ذوالڪفل‘ کي حضرت ذڪريا عه جو ٻيو نالو سڏيو آهي. ڪن ان کي حضرت الياس عليہ السلام قرار ڏنو آهي. ڪي يوشع بن نون تہ ڪي اليسع جو خليفو ڄاڻائين ٿا تہ ڪن اُن کي حضرت ايوب عه جو پٽ سڏيو آهي، جيڪو کانئن پوءِ نبي ٿيو، ۽ جنهن جو بشير ٿيو.
سيد ابو الاعليٰ مودودي تفهيم القرآن ۾ لکي ٿو تہ: ”يقين ۽ اعتماد سان نہ ٿو چئي سگهجي ٿه هيءُ ڪهڙو نبي آهي، پر هاڻوڪي دؤر جي مفسرن ان کي حزقي ايل عه چيو آهي، پر اسان کي اهڙو ڪو معقول دليل نہ ٿو ملي، جنهن مان اها ڳالھہ ثابت ٿئي. (حوالو: شاهڪار اسلامي انسائيڪلوپيڊيا).
جڏهن تہ موجودہ دور ۾ اهو مسئلو حل ٿي چڪو آهي تہ ’ذوالڪفل‘، اصل ۾ گوتم ٻڌ آهي، جيڪو حضرت عيسيٰ کان اٽڪل ڇھہ سؤ سال اڳ ڄائو هو. سندس پيءُ هماليہ جي پهاڙين ۾ ’ڪپل وستوءَ‘ نالي هڪ رياست جو راجا هو. برصغير جي ڪيترن وڏن عالمن واضح طرح سان ڄاڻايو آهي ته، ’قرآن ڪريم‘ ۾ ’ذوالڪفل‘ جو لفظ ’گوتم ٻڌ‘ سان ئي منسوب آهي. علامہ عنايت مشرقيءَ پنھنجي ’تذڪري‘ ۾ گوتم ٻڌ جي نالي جي پٺيان ’عليہ السلام‘ جا لفظ لکيا آهن. دکن جي ممتاز عالم دين مولانا مناظر احسن گيلانيءَ، مهاتما ٻڌ کي پاڪ جو هادي قرار ڏنو آهي.
مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو چوڻ آهي تہ عرب آڳاٽي زماني ۾ ’پ‘ جي اُچار کي ’ف‘ چوندا هئا . . . انهيءَ وضاحت بعد ’ذوالڪفل‘ جي معنيٰ ٿيندي ’ڪپل وستوءَ وارو‘ يعني گوتم ٻڌ. علامہ آءِ. آءِ. قاضيءَ بہ ’ذوالڪفل‘ کي ’ڪپل وستوءَ وارو‘ تعبير ڪيو آهي. هو گوتم ٻڌ کي هادي ۽ پيغمبر سمجهندو هو. مولانا ابوالڪلام آزاد بہ ’ترجمان القرآن‘ ۾ ’ذوالڪفل‘ جي مراد ’ڪپل وستوءَ وارو‘ يعني گوتم ٻڌ ڪڍي آهي. علامہ اقبال بہ گوتم ٻڌ جي تعريف ۾ شعر لکيا آهن. (حوالا: ماڻهو شھر ڀنڀور جا، ترجمان القرآن: مولانا ابوالڪلام آزاد).


هن صفحي کي شيئر ڪريو