ذيابيطس

ذيابيطس (Diabetes Mellitus): هيءَ بيماري رت ۾ مٺاڻ جو مقدار وڌي وڃڻ (Hyperglycaemia) ڪري ٿيندي آهي. رت ۾ مٺاڻ وڌڻ جو سبب انسولين جي گهٽتائي، ناقص هجڻ يا بلڪل ختم ٿي وڃڻ آهي، ڇو ته جسم ۾ ڪاربوهائيڊريٽ ۽ سڻڀ جي ڳرڻ (جذب ٿيڻ) جو ڪيميائي عمل (Metabolism) نه ٿي سگهندو آهي، ان ڪري رت ۾ مٺاڻ وڌي ويندو آهي. جيتوڻيڪ انسولين پاڻ به پروٽين جو هڪ قسم آهي، پر اها اهڙي قسم جي پروٽين آهي، جيڪا ٻي پروٽين کي ڳاريندي (جذب ڪندي) آهي.
انسولين لبلبي (Pancreas) جي لينگرهانس جي ٻيٽاريءَ ۾ موجود بي تنت عضوي ۾ ٺهندي ۽ اُن مان خارج ٿيندي آهي.هيءَ بيماري هڪ ڏينهن ۾ نه ٿيندي آهي، نه وري هڪ ڏينهن ۾ ڇڏي ويندي آهي. هيءَ بيماري مريض سان سڄي عمر رهي ٿي ۽ گهڻي عرصي تائين رهڻ ڪري مريض لاءِ وڏي هاڃيڪار ثابت ٿيندي آهي. هيءَ بيماري مريض جي جسم جي هر هڪ تنتي ۽ مشڪي نظام کي اهڙيءَ ريت نقصان پهچائيندي آهي جيئن اڏوهي ڪاٺ کي اندران کائي چَٽُ ڪري ڇڏيندي آهي. ذيابيطس کي پرهيز، مناسب ۽ ترتيبوار خوراڪ ۽ ورزش سان ڪنٽرول ۾ رکي سگهجي ٿو.
(الف) ذيابيطس جا قسم (Types of Diabetes)
(1) انسولين تي دارومدار رکندڙ ذيابيطس(Insulin Dependent Diabetes Mellitus-IDDM)، (2) انسولين تي دارومدار نه رکندڙ ذيابيطس (Non-Insulin Dependent Diabetes-NIDDM)، (3) ٻئي درجي جو ذيابيطس (Secondary Diabetes)، (4) ڳورهاري عورتن جو ذيابيطس (Gestational Diabetes)، (5) لڪل (مخفي) ذيابيطس (Latent Diabetes).
انسولين تي دارومدار رکندڙ ذيابيطس (Insulin Dependent Diabetes Mellitus): هن قسم جي ذيابيطس کي Juvenile-onset به چيو ويندو آهي. هي ذيابيطس عمر جي پهرين چاليهن سالن اندر، ٻاروتڻ کان وٺي عمر جي هر حصي ۾ ٿي سگهي ٿو. ميڊيڪل سائنس جي جديد ڄاڻ موجب هن قسم جي ذيابيطس اوچتو ظاهر ٿيندو آهي ۽ اهو ان وقت ٿيندو آهي، جڏهن رت ۾ مٺاڻ جو مقدار وڌي ويندو آهي، ان کي Hyperglycemia چئبو آهي.
هن ذيابيطس ٿيڻ جا سبب (Aetiology): هن قسم جي ذيابيطس جو بنيـادي ڪـارڻ اهـو آهي ته لَبلبي Pancreas جي لينگر هانس جي ٻيٽاريءَ (Islets of longer Hans) ۾ موجود بي تنت عُضوي اُينڊو ڪرائين آرگن، مان انسولين گهٽ نڪرندي آهي يا بلڪل ختم ٿي ويندي آهي. انسولين رت ۾ نه ملڻ ڪري رت ۾ مٺاڻ جو مقدار وڌي وڃڻ سان هن قسم جو ذيابيطس اوچتو ظاهر ٿي پوندو آهي. هن ذيابيطس جي اوچتي ظاهر ٿيڻ سان مريض تي ڀرپور ۽ زوردار بيماريءَ جو حملو ٿيندو آهي. ان ڪري مريض ۾ هاڃيڪار بيماريءَ جون ڪيتريون علامتون ظاهر ٿي پونديون آهن، جن کي ماٺو ڪرڻ لاءِ رت مان مٺاڻ جي واڌ کي گهٽائي قدرتي مقرر مقدار ۾ آڻڻ لاءِ لازمي طرح مريض کي هٿرادو انسولين رت ۾ داخل ڪبي آهي. ان ڪري هن قسم جي ذيـابيـطـس کي انسولين تي ڀاڙيندڙ ذيابيطس (IDDM) چئبو آهي ۽ اها انسولين مريض کي تيستائين جاري رکبي آهي، جيستائين وڃي مرض ماٺو ٿئي. واضح رهي ته انسولين رت ۾ داخل ڪرڻ سان رڳو بيماريءَ جون علامتون ماٺيون ٿينديون آهن ۽ بيماري جو زوردار حملو پوئتي هٽي ويندو آهي، پر بيماري پنهنجي جاءِ تي جسم ۾ قائم رهندي آهي.
(2) انسولين تي مدار نه رکندڙ ذيابيطس (Non-Insulin Dependent Diabetes ‘NIDDM’): هن قسم جي ذيابيطس کي Primary Diabetes به چيو ويندو آهي. هيءَ عام ذيابيطس آهي ۽ 90 سيڪڙو مريض سان سڄي عمر ساٿ نڀائيندي آهي.
(I) عمر (Age): هن قسم جي ذيابيطس عمر جي ڪنهن به حصي ۾ ٿي سگهي ٿي، پر 80 سيڪڙو پنجاهه سالن جي عمر کانپوءِ ٿيندي آهي. باقي 20 سيڪڙو 50 سالن جي عمر کان اڳ ۾ ٿيندي آهي.
(II) جنس (Sex): هن قسم جي ذيابيطس مردن کي اڌ وهيءَ دوران عورتن کان وڌيڪ ٿيندي آهي جڏهن ته عورتن کي اڌ وهيءَ کانپوءِ مردن کان وڌيڪ ٿيندي آهي، عورتن کي اڪث حيض بند ٿيڻ (Menopause) کان پوءِ ٿيندي آهي.
(III) موروثي (Heredity): هيءَ ذيابيطس موروثي هوندي آهي. هن قسم جي ذيابيطس اڌ وهيءَ کان اڳ ۾ ٿيندي آهي، پر اهو به ضروري ناهي ته جن ماڻهن جي خاندان ۾ ذيابيطس آهي ته ان خاندان جي هر فرد کي ذيابيطس ٿئي. ذيابيطس ٿيڻ ماڻهوءَ جي جسماني جِيوَڪٿا (Bio-Chemistry) ۾ خلل سان واسطو رکي ٿو. جن مريضن جي خاندان ۾ ذيابيطس جي بيماري ناهي، تن کي به هيءَ بيماري ٿي پوي ٿي ۽ اهو به ڏٺو ويو آهي جن ذيابيطس جي مريض ۾ هي موروثي بيماري آهي مثال: زال مڙس کي ذيابيطس آهي ۽ جيڪڏهن انهن کي جاڙا ٻار (Twins) ڄمن ٿا ته انهن ٻارن مان ڪنهن هڪ کي ذيابيطس ٿئي ٿي ته ٻئي کي سڄي عمر ذيابيطس نٿي ٿئي.
(IV) ٿولهه (Obesity): ٿولهه ۽ ذيابيطس جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو رهيو آهي. اهو ڏٺو ويو آهي ته جن ماڻهن کي اڌ وهيءَ ۾ ذيابيطس ٿيندي آهي، تن ۾ گهڻائي ٿلهن ماڻهن جي هوندي آهي. باقي ٿورائيءَ ۾ اهڙا ماڻهو آهن، جيڪي ذيابيطس کان پوءِ ٿلها ٿي ويندا آهن. ٿولهه ۽ ذيابيطس کي هڪ ٻئي کان ڌار ڪري نٿو سگهجي.
(V) ذهني دٻاءُ (Mental Stress): هيءَ بيماري ذهني دٻاءَ (Stress) جي ڪري به ٿئي ٿي. جيڪي ماڻهو گهڻي وقت تائين ذهني پريشانيءَ ۽ دٻاءَ ۾ رهندا آهن، تن ۾ هيءَ بيماري عام ٿي رهي آهي.
(VI) عيش آرام جي زندگي (High Livings): اُهي ماڻهو جيڪي عيش آرام جي زندگي گهارين ٿا ڪو ڪم ڪار نٿا ڪن، هڪ هنڌ ويهي ڪن ٿا ۽ ورزش ۽ پنڌ نٿا ڪن، ضرورت کان وڌيڪ کائين ٿا، هٻڇ ساڻ کائين ٿا. ڀاڄين بدران گوشت گهڻو کائين ٿا، سڻڀا ۽ ڳرا کاڌا کائن ٿا، ماني کائڻ کانپوءِ، خصوصاً رات واري مانيءَ کان سمهي پون ٿا، تن کي ذيابطيس اڌ وهيءَ يا ان کان اڳي ٿي پوندو آهي.
(VII) بيماريون (Diseases): اهڙيون بيماريون جيڪي اسٽيفلوڪوڪس جيوڙي جي ڪري ٿينديون آهن، سي عارضي طرح ذيابطيس ڪري وجهـنديـون آهـن. هـڏي مِکُ يا هـڏي جـو سُـور (Ostromylities) ٻلـيءَ ڳــڙُ (Chronic Absences)، زهريلا ڳڙ (Pyaemic Abbesses) يا نمونيا وغيره اهڙيون بيماريون آهن، جيڪي عارضي طرح ذيابيطس ڪري وجهنديون آهن ۽ بيماري ڇڏي وڃڻ تي پاڻمرادو ڇڏي ويندي آهي. هن قسم جي ذيابيطس (NIDDM) مٿين ذيابيطس کان گهڻي گهٽ هاڃيڪار آهي. هن ذيابيطس جون علامتون به اوچتو ۽ ڀرپور نموني ظاهر نه ٿينديون آهن، نه مريض کي نستو ۽ ڪمزور ڪنديون آهن. هن قسم جي ذيابيطس ۾ ڪڏهن بيماريءَ جون ظاهري علامتون هونديون آهن ته ڪڏهن نه هونديون آهن. بيماريءَ جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو سلسلو گهڻي وقت تائين پيو هلندو آهي، جيستائين وڃي انسولين ڪنهن هڪ مقدار تي اچي بيهي رهي. انسولين جي هيٺ مٿي ٿيڻ جو سبب اهو ڏٺو ويو آهي ته انسولين جي رت جي سرشتي ۾ ڪٿي نه ڪٿي رنڊڪ پيدا ٿيڻ ڪري رت ۾ درست جذب ٿي نه سگهندي آهي. تنهنڪري اڻن (جيوگهرڙن) ۾ گلوڪوس جي گهٽتائي ٿي پوندي آهي.
هن قسم جي ذيابيطس ۾ علاج سان گڏ احتياط (رک) جي وڌيڪ ضرورت آهي. خوراڪ ۾ احتياط سان گڏ پنڌ جي به ضرورت آهي، پر پنڌ ايترو ڪجي جنهن ۾ نه ٿڪ ٿئي، نه وري ساڻائي ٿئي. ائين ڪرڻ سان بيماري ڇڏي ته ڪا نه ويندي آهي، پر مريض کي لانجهو به نه ڪندي ۽ انسولين جو رت ۾ مقدار هڪ هنڌ بيهي رهندو، جنهن جو علاج ڪرڻ سولو آهي ۽ هلڪين دوائن تي بيماري ضابطي هيٺ رهندي آهي.
(3) ٻئي درجي جي ذيابيطس (Secondary Diabetes): هن قسم جي ذيابيطس ٿورائيءَ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪن خاص حالتن ۾ ۽ ڪن خاص بيمارين جي نتيجي ۾ جسم ۾ روڳي اوسر (Pathological Process سبب ٿيندي آهي.
ٻئي درجي جي ذيابيطس ٿيڻ جا سبب (Aetiology):
(I) لبلبي جو روڳ (Pathological disorder of Pancreas): لبلبي ۾ ڪنهن به روڳ پيدا ٿيڻ ڪري لبلبي مان انسولين صحيح نموني خارج ٿي نه سگهندي آهي، گهٽ نڪرندي آهي، دٻجي ويندي آهي يا وري نڪرڻ بلڪل بند ٿي ويندي آهي. لبلبي ۾ سور ۽ سوڄ (Pancreatitis)، لبلبي جي ساڙي
(Inflamation)، لبلبي جي پٿريءَ (Pancreatic Vulvuli)، لبلبي جي ڪينسر
(Carcinoma)، لبلبي ۾ ڌڪ لڳڻ ڪري لينگر هانس جا ٻيٽارا تباهه ٿيڻ اهڙا سبب آهن، جيڪي لبلبي جي ڪم ۾ خلل وجهندا آهن، ان ڪري لبلبي ۾ انسولين ٺهڻ گهٽجي ويندي آهي، دٻجي ويندي آهي يا ٺهڻ بلڪل بند ٿي ويندي آهي، جنهنڪري هن قسم جي ذيابيطس ٿي پوندي آهي.
(II) هارمون (Harmones): جسم ۾ ڪجهه اهڙا هـارمـون آهـن، جـن جـي وڌڻ ڪري به انسولين جي ٺهڻ ۽ نڪرڻ تي هاڃيڪار اثر پوندا آهن، تنهنڪري هن قسم جي ذيابيطس ٿي پوندو آهي، جهڙوڪ:
(الف) جسم جي اوسر ڪرڻ وارو هارمون (Growth Harmone): پچوئٽري غدود (Pituitary Gland) جي اڳئين حِصي مان نڪرندو آهي. ان جي گهڻي نڪرڻ ڪري جسم جي ٻين نقصانن سان گڏ لبلبي جي عمل ۾ به خلل پوي ٿو ۽ انسولين گهٽ پيدا ٿئي ٿي يا انسولين جو ٺهڻ بند ٿي وڃي ٿو. ٻنهي صورتن ۾ هيءَ ذيابيطس ٿئي ٿو.
(ب) ايڊرينو ڪارٽيڪل هارمون (Adreno Cortical Harmone) جي وڌي وڃڻ ڪري پروٽين (Protein) تباهه ٿي ويندي آهي، ان ڪري رت ۾ گلوڪوس جو مقدار وڌي ويندو آهي ۽ ذيابيطس ٿيندو آهي.
(ٻ) ايڊرينلين هارمون (Adrenaline Harmone) جي وڌي وڃڻ ڪري جيري ۾ گلائڪو جين (Glycogen) جي ختم ٿيڻ ڪري انسولين جو ٺهڻ بند ٿي ويندو آهي ۽ رت ۾ گلوڪوس جو مقدار وڌي ويندو آهي ۽ هي ذيابيطس ٿي پوندو آهي.
(ڀ) ٿائرائيڊ هارمون (Thyroid Harmone) جي وڌي وڃڻ ڪري هن قسم جي ذيابيطس جا ڪارڻ وڌي ويندا آهن ۽ خود گلوڪوس جي سهپ (برداشت) جو رت ۾ عُنصر گهٽجي ويندو آهي. يعني رت گلوڪوس کي برداشت ڪري نه سگهندو آهي. ان ڪري هيءَ ذيابيطس ٿي پوندو آهي.
(III) دوائن جا منفي (اُبتا) اثر (Drugs side effects): ڪجهه اهڙيون ايلوپيٿيءَ جون دوائون آهن، جهڙوڪ: Costicosteriods گروپ جون دوائون Phenyton گروپ جون دوائون ۽ Thiagide گروپ جون پيشاب آڻيندڙ دوائون، جيڪي واپرائڻ سان هن قسم جي ذيابيطس ٿي پوندي آهي.
(VI) حمل وارو ذيابيطس (Gastational Diabetes): هي ذيابيطس ڳورهارين عورتن کي حمل دوران عورتاڻن هارموننن جي وڌي وڃڻ ۽ گلوڪوس جي پاڻيٺ (Glucose Plasma) وڌي وڃڻ سبب ٿيندو آهي. ٻار ڄڻڻ کان پوءِ هي ذيابيطس ڇڏي ويندو آهي. هي ذيابيطس اهڙين ڳورهارين عورتن کي ٿيندو آهي، جن گهڻا ٻار ڄڻيا هوندا آهن يا کين مٿينءَ يعني 30، 40 سالن جي عمر ۾ حمل ٿيندو آهي.
(5) لڪل ذيابيطس (Latent Diabetes): هن قسم جي ذيابيطس جو مريض جڏهن به گلوڪوز ٽيسٽ ڪرائيندو آهي ته اها ٽيسٽ موافق (Normal) هوندي آهي، پر مريض ۾ ذيابيطس جون علامتون موجود هونديون آهن ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ ذيابيطس جون ناڪاري ۽ مونجهاري واريون علامتون به پيون ظاهر ٿينديون آهن. هن قسم جي ذيابيطس جو مثال اڏوهيءَ وانگي آهي، هي ذيابيطس مريضن کي بيماري اندران اندران کائي هيڻو ڪري ڇڏيندو آهي.
(ب) ذيابيطس جون علامتون (Clinical Symptoms): هن بيماريءَ جي خاص علامتن ۾ وات ۾ خشڪي، گهڻي اُڃ (Polydipsia) لڳڻ، هر هر پيشاب (Polyuria) اچڻ، خاص ڪري رات جو پيشاب (Nocturnal Urine) اچڻ، ڇتي بک لڳڻ، ٿَڪُ، ٿوري ڪم تي سُستي، پگهر گهڻو اچڻ، بدن خاص طور ٽنگن ۾ سور، وزن گهٽ ٿي وڃڻ، نامردي، عورتن جي جنسي عمل کان بيزاري، عورت ۽ مرد جي جنسي عضون تي خارش وغيره شامل آهن.
(ٻ) ذيابيطس جون پيچيدگيون (Complications): ذيابيطس جي بيماريءَ ۾ اُلامراض (يعني مرضن جي ماءُ) آهي. هيءَ بيماري جسم ۾ گهڻو عرصو رهي ۽ مرض ڪُهنو ٿي وڃي يا علاج/ رک ۾ لاپرواهي ڪئي وڃي ته بيماري خود ته ضابطي ۾ نه ايندي آهي، پر جسم جي ٻين عضون ۾ به بگاڙ واريون حالتون پيدا ڪندي آهي. مريض ۾ طرح طرح جون پيچيدگيون منهــن ڪـڍنديون آهن. ڪن مريضن جا ڏند ڪمزور ٿي ڪري پوندا آهن، نظر ڪمزور ٿي (Myopia) ويندي آهي، اکين ۾ موتيو پاڻي (Catract) لهندو آهي، ڪــي مـاڻهــو (مـريــض) انـڌا ٿي ويندا آهن، مٿـي کــي ڀوانٽـي (Vertigo) ايندي آهي. ڪي ماڻهو (مريض) غش کائي ويندا آهن، ٽنگن ۾ سور ۽ پَٽَ (Diabetic Neuropathy) عام ٿيندي آهي. عضوا (خاص ڪري ٽَنگون)سُن (Numbness) رهنديون آهن. ڪمزوري ۽ نستائي گهر ڪري ويندي آهي. هٿن ۾ ڏڪڻي، ڦڦڙن جي ڪمزوري ۽ سهڪو ٿي پوندو آهي. جڏهن هيءَ بيماري رئيس (مک) عضون (Visceras)کي نشانو بڻائيــندي آهي ته خاص ڪري دل جي گهڻن عضون ۾ پيچيدگيون پيدا ڪــندي آهي، دل جا ٻُنجڻا (Valves) ڪمزور ٿي ويندا آهن، دل جون شريانون سُسي وينديون آهن يا بند ٿي وينديون آهن.
دل جون تنتون پڻ صحيح ڪم نه ڪنديون آهن، انهن ۾ فعلياتي پيچيدگيون (Cardio Vascular Syndrome) ٿينديون آهن. جسم جا ڦٽ خشڪ نه ٿيندا آهن، ننڍا ننڍا ڦٽ به ناسور بڻجي ويندا آهن. سڀ کان خطرناڪ ڦٽن جي سينوارجي وڃڻ ڪري ٽنگن ۾ گوشت جي ناسور (Gas Gangrene) بڻجي وڃڻ سبب ٽنگ ڪٽرائڻي پوندي آهي. هيءَ بيماري جڏهن مريض جي بُڪـيـن تي هاڃيڪار اثر ڪندي آهي ته گُــڙدن جـي عـمـل کي نـاڪام (Kidney Failure) ڪري ڇڏيندي آهي. مطلب ته اهڙو ڪو به عضوو نه هوندو آهي، جنهن تي هيءَ هاڃيڪار اثر نه ڪندي هجي، پنهنجين انهن پيچيدگين ڪري سڀني بيمارين ۾ ٿيندڙ موذي مرض آهي.
(ڀ) رت جي ٽيسٽ (Blood Bio-chemistry):
قسم (Type)مناسب مقرر حد (Normal) طريقو (Method):
(1) نيراني Fasting: 65to120 mg:/dl هن طريقي ۾ ٻارهن ڪلاڪن جي بک لازمي آهي.
(2) کاڌي کائڻ کان پوءِ Random: 160to180mg:/dl کاڌي کائڻ کان پوءِ اڌ ڪلاڪ جي اندر ٽيسٽ ڪرائڻ مناسب آهي.
(ت) پرهيز، رک/ڪِري (Preventive Diet):
(1) ذيابيطس جي مريض کي (خاص ڪري ان مريض کي جيڪو انسولين تي دارومدار رکندڙ هجي). اُهي ڀاڄيون قطعي کائڻ نه گهرجن، جيڪي زمين جي هيٺان پيدا ٿين ٿيون، ڇو ته جيڪي ڀاڄيون زمين جي هيٺان پيدا ٿين ٿيون. انهن ۾ ڪاربو هائيڊريٽ ٿئي ٿو، جيڪو مٺاڻ جي عمدو قسم آهي. تنهن کانسواءِ ڪاروبوهائيڊريٽ مريض جي رت ۾ گلوڪوس وڌائيندو آهي.
(2) چانور، مٺيون شيون ۽ مٺو فروٽ کائڻ نه گهرجي.
(3) مريض کي هر حال ۾ پنهنجي کاڌي جو وقت مقرر ڪرڻ گهرجي.
(4) مريض مقرر وقت تي کاڌو کائڻ کان پوءِ ڪجهه دير کانپوءِ جيڪڏهن بک محسوس ڪري ته کيس ڪجهه نه ڪجهه کائڻ گهرجي.
(5) مريضن کي ڀوانٽي (Vertigo) اچڻ جي صورت ۾ ڪجهه نه ڪجهه مٺي شي ضرور کائڻ گهرجي. مريض کي ڀوانٽي اچڻ جو مقصد سندس رت مان مناسب مقرر حد کان مٺاڻ گهٽ ٿي ويو آهي جنهن کي ’هائيپوگليسيميا‘ (Hypoglycemia) چئبو آهي. مٺاڻ کائڻ سان في الوقت رت ۾ مٺاڻ جو پورائو ٿيندو آهي ۽ چڪر اچڻ بند ٿي ويندا آهن.
(6) روزانو ورزش يا صبح شام پنڌ ڪرڻ ۽ پيرن ۽ هٿن جو خيال رکڻ، ڪنهن ڌڪ لڳڻ جي صورت ۾ يڪدم ڊاڪٽر کان تپاسائڻ.
(7) باقاعدگيءَ سان شگر جو مقدار چيڪ ڪرائڻ گهرجي.


لفظ ذيابيطسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو