ذڪر

ذڪر: ﷲ تعاليٰ کي ياد ڪرڻ کي ’ذڪر‘ چئجي ٿو. قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو آهي تہ:
”اي ايمان وارو! ﷲ تعاليٰ جو ذڪر گهڻو ڪندا ڪريو ۽ صبح ۽ شام ان جي تسبيح بيان ڪندا ڪريو“ (احزاب: 41). ان کان سواءِ بہ ڪيترين ئي آيتن ۾ ذڪر جو حڪم آيو آهي. حضرت ابو هريره رضہ کان روايت آهي تہ رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ و سلم جن فرمايو تہ ﷲ تعاليٰ جو فرمان آهي: ”آءٌ ٻانهي سان اهو ئي معاملو ڪندو آهيان، جيڪو هو مون مان گمان ڪندو آهي. پوءِ جڏهن هو مون کي ياد ڪندو آهي تہ مان بہ ان کي ياد ڪندو آهيان. جيڪڏهن ٻانهو منهنجو ذڪر ماڻهن جي ميڙ ۾ ڪندو آهي تہ مان بہ سندس ذڪر ان کان بهتر يعني فرشتن جي ميڙ ۾ ڪندو آهيان. جيڪڏهن ٻانهو مون ڏانهن هڪ گرانٺ جيترو متوجهہ ٿيندو آهي تہ مان ان ڏانهن هڪ هٿ جيترو متوجهہ ٿيندو آهيان. جيڪڏهن اهو هڪ هٿ وڌندو آهي تہ مان ان ڏانهن ٻہ هٿ وڌندو آهيان.“ (بخاري، مسلم، ترمذي).
نبي ڪريم صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو تہ ﷲ تعاليٰ وٽ فرشتن جي هڪ جماعت اهڙي آهي، جيڪا ذڪر جي مجلسن کي ڳوليندي رهندي آهي. کين جتي ذڪر جي مجلس نظر ايندي آهي تہ اهي بہ ان مجلس ۾ ويهي رهن ٿا. جڏهن اها مجلس پوري ٿيندي آهي تہ فرشتا آسمان ڏانهن هليا ويندا آهن. ﷲ تعاليٰ سڀ ڪجهہ ڄاڻندي بہ انهن کان پڇندو آهي تہ فرشتؤ، ڪٿان ٿا اچو؟ فرشتا عرض ڪندا آهن، اسان روءِ زمين ۾ تنھنجي اهڙن ٻانهن کان پيا اچون، جيڪي تنھنجي وڏائي، تسبيح، پاڪائي ۽ حمد بيان ڪري رهيا هئا (مسلم). رسول ﷲ صلي ﷲ عليہ وسلم جن فرمايو تہ ذڪر ڪرڻ واري ۽ ذڪر نہ ڪرڻ واري جو مثال زندہ ۽ مردہ وانگر آهي. ﷲ تعاليٰ جو ذڪر ڪرڻ وارو زندہ آهي ۽ نہ ڪندڙ مئل. (مسلم، بخاري، مشڪوٰت).
مشھور محدث ابن قيم پنھنجي رسالي الوابل الصيب ۾ ذڪر جون 44 فضيلتون بيان ڪيون آهن، جن مان ڪجهہ هي آهن: ﷲ تعاليٰ جو ذڪر شيطان کي ڀڄائي ٿو ۽ ان جي طاقت کي ٽوڙي ٿو. ﷲ تعاليٰ جي رضامنديءَ جو سبب ٿئي ٿو. دل مان فڪرن، وهمن ۽ غمن کي ڪڍي ٿو ۽ دل ۾ خوشي ۽ سرور پيدا ڪري ٿو. چهري ۽ دل کي منور ڪري ٿو، رزق وڌائي ٿو، ﷲ تعاليٰ جو قرب ۽ محبت پيدا ڪري ٿو. ﷲ جي عذاب کان نجات جو ذريعو ٿئي ٿو. جھنم کان بچائي ٿو. الغرض دنيا ۽ آخرت جون سڀ خوشيون ذڪر ڪندڙ کي نصيب ٿين ٿيون.
ذڪر ۽ ذڪر ڪرڻ جو طريقو: ذڪر عام طور تي ﷲ تعاليٰ کي ڪنهن بہ طرح زبان ۽ دل سان ياد ڪرڻ کي چيو وڃي ٿو، پر جيڪو خصوصي ۽ سنت نبويءَ مطابق ذڪر آهي، اهو ’لاَ اِاـــٰھَ اِلاَّ اللهُ‘، ’اِلاََ اللهَ‘، ’اَللهُ اَللهُ‘ ۽ ’هُو‘ جو ذڪر آهي. طريقت جا صاحب بزرگ بہ انهيءَ طريقي سان ذڪر جي تلقين ڪندا آهن. قادري طريقي وارا جهري (ڏاڍيان) ۽ نقشبندي حضرات خفي (هوريان دل ۾) ذڪر جي تلقين ڪندا آهن.


لفظ ذڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو