ذڪريا شاھہ: هي سمن جي دور ۾ هڪ نالي وارو بزرگ ٿي گذريو آهي. هن جو جنم بدين ۾ ٿيو. هي بدين واري شاھہ رڪن الدين ۽ اڀن شاھہ جو ڀاءُ هو. سندس والد جو نالو شيخ اسماعيل ۽ ڏاڏي جو نالو شاھہ شھر ﷲ روايت ڪيل آهي، جيڪي سڀئي صاحب اهل ﷲ ليکيا وڃن ٿا. هيءُ بزرگ ’مانڌر جي پٽ‘ ۾ آرامي آهي. سندس درگاھہ ذڪريا شاھہ جي نالي سان مشھور آهي، جتي هر سال ميلو لڳي ٿو.