رئيس امروهوي

رئيس امروهوي

رئيس امروهوي

رئيس امروهوي: اردو زبان جي نامور شاعر ۽ صحافي، رئيس امروهيءَ، 12 سيپٽمبر 1914ع تي اتر پرديش (U.P)، هندستان جي شھر امروه، ضلعي مرادآباد ۾ علامہ حسن ايليا جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خانداني نالو سيد محمد مهدي هو ۽ هو ادبي دنيا ۾ ’رئيس امروهوي‘ طور مشھور هو. رئيس امروهويءَ ابتدائي تعليم ۽ تربيت پنھنجي ڏاڏي نصير حسين جي نگرانيءَ ۾ حاصل ڪئي. اردو، فارسي ۽ عربيءَ جي تعليم وٺڻ بعد انگريزي پاڻ سکيائين. 1931ع ۾ سندس ابتدائي ڪلام روزنامه اسد، روزنامه سرفراز لکنؤ، هفتيوار حمايت اسلام لاهور، رساله حيات امروه، ماهنامه ادراڪ امروه، هفت روزہ اتحاد، انصاف، قرطاس ۽ پبلڪ گزيٽ وغيرہ ۾ شايع ٿيڻ لڳو.
هن پهريون افسانو ’تراش‘ 1930ع ۾ لکيو، جيڪو ماهنامه حيات امروھہ ۾ شايع ٿيو. 1936ع ۾ رئيس امروهي، امروھہ جي ٻن اخبارن ’قرطاس‘ ۽ ’مخبر عالم‘ جو ايڊيٽر ٿيو ۽ 1939ع کان باقاعدي صحافت جو پيشو اختيار ڪيو. 1937ع کان 1939ع تائين ڪانگريس سان واڳيل رهيو ۽ جواهر لعل نهروءَ سان گڏجي ڪم ڪيائين. هڪ وقت مسلم ليگ جي حامي روزنامه ’جنت‘ مرادآباد جو چيف ايڊيٽر بہ رهيو. 1940ع ۾ مسلم ليگ ۾ رضاڪار طور شامل ٿيو. 19 آڪٽوبر 1947ع ۾ رئيس امروهوي هجرت ڪري پاڪستان آيو ۽ ڪراچيءَ ۾ رهي قطعا لکڻ شروع ڪيا هئا، جيڪي پاڪستان اچڻ کانپوءِ سندس زندگيءَ جي پساهن پورن ٿيڻ تائين ڇپبا رهيا.
نثر ۾ رئيس امروهويءَ ’ريڊيائي ڊراما‘، تاريخي ۽ مذهبي مضمون ۽ سياسي ايڊيٽوريلن لکڻ کانسواءِ ’نفسيات‘، مابعدالنفسيات، جنات، جنسيات، توجيهات، مراقبي، هپناٽزم، عالم برزخ، حاضرات ارواح، عالم ارواح بابت ڪيترا ڪتاب لکيا.
شاعريءَ ۾ هن قصيدا، غزل، مغثنوي، ساقي ناما، سهرا، ساڳ، قطعات، تاريخ وفات ۽ قومي نغما لکيا.
سندس هيٺيان شعري مجموعا ڇپجي چڪا آهن:
(1) الف، (2) مثنوي لالئه صحرا (1956ع)، (3) پـس غبار (1969ع)، (4) قطعات (ٻہ جلد)، (5) حڪايت ني (1975ع)، (6) بحضرت يزدان (1984ع)، (7) انامن الحسين، (8) ملبوس بھار (1983ع)، ۽ (9) آثار (1985ع) وغيرہ. نثري ڪتابن ۾ (1) اڇي مرزا، (2) عجائب نفس، (3) لي سانس آھستہ وغيرہ ڇپجي چڪا آهن.
سندس والد بہ شاعر ۽ ڪيترين ٻولين جي ڄاڻ رکندو هو. اردوءَ جو بھترين شاعر جون ايليا ۽ هندستان جو مشھور فلسفي پروڊيوسر ڪمال امروهي سندس ڀائر هئا.
1972ع ۾ سنڌ ۾ ٻوليءَ واري بل جي پاس ٿيڻ وقت جنگ اخبار ۾ رئيس امروهويءَ هڪ قطعو لکيو هو، جنهن جي سٽ هئي: ’اردو ڪا جنازه هي، ذرا ڌوم سي نڪلي‘ جنهن سبب سنڌ ۾ لساني فسادن کي هوا ملي. رئيـس امـروهـويءَ شاھہ عبداللطيف جا ڪيترا بيت (خاص ڪري سُر ڪيڏارو) اردوءَ ۾ ترجمو ڪيا. هو هڪ وڏو عالم شخص هو.
رئيس امروهويءَ کي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪن دهشتگردن، گهر ۾ حملو ڪري زخمي ڪيو هو ۽ هو زندھہ رهي نہ سگهيو ۽ 22 سيپٽمبر 1988ع تي وفات ڪيائين.


لفظ رئيس امروهويھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.09.12  عيسوي

اردو زبان جي نامور شاعر ۽ صحافي، رئيس امروهيءَ، 12 سيپٽمبر 1914ع تي اتر پرديش (U.P)، هندستان جي شهر امروه، ضلعي مرادآباد ۾ علامه حسن ايليا جي گهر ۾ جنم ورتو.


1988.09.22  عيسوي

رئيس امروهويءَ کي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ ڪن دهشتگردن، گهر ۾ حملو ڪري زخمي ڪيو هو ۽ هو زندهه رهي نه سگهيو ۽ 22 سيپٽمبر 1988ع تي وفات ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوهر محمد علي مولانا
انور سومرو 2
امداد حسين (موسيقار)
ڏيڌڙو روشن علي
چارلس ڊاروِن (Charles Darwin)
مير محمد علي خان ٽالپر بهرور
ٿڌاڻي اين وي
چٺا محمد حسين
اسحاق عليہ السلام
آغا غلام نبي پٺاڻ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون