رئيس بروهي

رئيس بروهي

رئيس بروهي

رئيس بروهي: نامور هاري اڳواڻ، ڪامريڊ رئيس بروهي ڳوٺ لُنڊي، ضلعي سانگهڙ ۾ جنم ورتو. غربت سبب تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو، پر تعليم سان عشق هئس. هن 1944ع ۾ پنھنجي ڳوٺ رئيس بروهيءَ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ اسڪول قائم ڪرايو تہ جيئن هو تعليم کان محروم رهيو، ائين ڪو ٻيو نہ رهي. ڪامريڊ رئيس بروهي هارين جو هڏ ڏوکي ۽ همدرد هو. هن سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي پليٽفارم تان اڌ بٽئي تحريڪ ۾ حصو وٺي، سنڌ جي هارين ۾ هڪ هلچل پيدا ڪئي. 1947ع کان پهرين سنڌ ۾ اڌ بٽئيءَ جو رواج ڪونه هو. سنڌ هاري ڪميٽي اڌ بٽئي تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو تہ رئيس بروهي انهن چند اڳواڻن مان هو، جن اڌ بٽئي تحريڪ کي ڪاميابي ڏياري. ڇو تہ هو عملي طور هارين جي حقن لاءِ ڪوشان هو.
هي هاري ڪارڪنن کي گڏ کڻي، جهنڊا ۽ ڏنڊا کڻي نڪري پوندو هو ۽ وڃي کرن تي بٽايون ڪرائيندو هو. سنڌ هاري ڪميٽيءَ جي تحريڪ تہ 1930ع کان شروع ٿي، پر 1947ع تائين ڪا خاص تبديلي نہ آڻي سگهي هئي، پر اڌ بٽئي تحريڪ، سنڌ هاري تحريڪ ۾ نئون روح ڦوڪيو هو ۽ هاري تحريڪ وڌيڪ سگهاري ٿيڻ لڳي هئي. ان کانپوءِ ’الاٽي هاري تحريڪ‘، ’ٽيننسي ايڪٽ تحريڪ‘ سميت مختلف تحريڪون شروع ٿيون. ٽيننسي ايڪٽ تحريڪ جي ڪاميابي ۽ سنڌ اسيمبليءَ پاران ٽيننسي ايڪٽ پاس ڪرائڻ ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو وڏو ڪردار رهيو آهي.
رئيس بروهي جيتوڻيڪ هڪ ڪارڪن وانگر رهيو، پر سندس ڪردار ۽ عملي جدوجھد جي ڪري کيس اڳواڻن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.
سندس ڪردار کان متاثر ٿي مولانا ڀاشانيءَ جهڙو ماڻهو سندس ڳوٺ اچي ساڻس ملندو ۽ رهاڻيون ڪندو هو. ڪامريڊ رئيس بروهي گهڻ پاسائين شخصيت هو.
هو سڌو، کرو ۽ سچو ماڻهو هو ۽ هر ڪنهن کي سچ منهن تي چئي ڏيندو هو، اڄ بہ سنڌ جا هاري کيس سٺن لفظن ۾ ياد ڪن ٿا.


لفظ رئيس بروهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو