رئيـس ولـي مـحـمـد خـان: مشھور زميندار، خانصاحب رئيـس ولي محمد خان ڀرڳڙيءَ جو نالو سنڌ جي چند نامور محب وطن وڏيرن ۽ اثر رسوخ رکندڙ شخصيتن ۾ شمار ٿئي ٿو. هي ڳوٺ ڊينگاڻ ڀرڳڙي، ضلعي ٿرپارڪر جو رهاڪو هو. سندس وڏا اصل ديري غازي خان جي هڪ علائقي ڀرڳڙ جا رهاڪو هئا، جيڪي بعد ۾ سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا. هي اصل رند قبيلي جي شاخ مان آهن. ڀرڳڙ علائقي مان سنڌ ۾ آباد ٿيڻ سبب کين ڀرڳڙي ڪوٺيو وڃي ٿو.
رئيس ولي محمد خان ٻہ شاديون ڪيون. پهرين شادي رئيس مسو خان ڀرڳڙيءَ جي نياڻي سان ڪيائين، جنهن مان سنڌ جو محب وطن سياستدان رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي پيدا ٿيو. ٻي شادي سوڍن مان ڪيائين، جنهن مان جان محمد خان، غلام حسين، دين محمد خان پيدا ٿيا.
رئيس ولي محمد ڀرڳڙي منصف مزاج شخص هو، جنهن جا فيصلا نهايت ايمانداراڻا هوندا هئا. ولي محمد خان جي اعليٰ سوچ ۽ صلاحيتن جـو اندازو ان ڳالھہ مـان لڳائـي سگهجـي ٿو تہ هن پنھنجي پٽ ميان غلام محمد خان ڀرڳڙيءَ کي اعليٰ تعليم ڏياري، سنڌ جي محب وطن ٿيڻ جو درس ڏنو.
رئيس ولي محمد ڀرڳڙيءَ ڪيترن ئي شاگردن کي اسڪالرشپون ڏياريون ۽ سندن مالي مدد پڻ ڪندو هو. وٽس انسانيت جو قدر هو. سندس اوطاق هميشہ ضرورتمندن ۽ دوستن سان ڀريل رهندي هئي. سندس نالو مهمان نوازي ڪري سڄيءَ سنڌ ۾ مشھور هو.
رئيس ولي محمد خان 1890ع ۾ وفات ڪئي.