راءِ بھادر شيوارام

راءِ بھادر شيوارام: مشھور سياستدان، بھادر شيوارام'>راءِ بھادر شيوارام ولد ديوان ڏيونمل کيمچند، 17 سيپٽمبر 1883ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو. هيءُ ٺٽي شھر جي مشھور وزيراڻي ديوانن مان هو، جي ميرن جي حڪومت ۾ خاص عهدن تي هئا، سندس والد راءِ بھادر ديوان ڏيونمل کيمچند سنت جي ڪمشنر جو اسسٽنٽ هو، جيڪو عهدو انهن ڏينهن ۾ اهم ليکيو ويندو هو. سندس چاچو، ديوان ٽھلرام کيمچند مشھور وڪيل هو ۽ ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڏهن سالن تائين صدر ٿي رهيو. ديوان شيوارام ابتدائي ۽ سيڪنڊري تعليم ڪراچيءَ ۾ ورتي، جنهن بعد سندس ڪٽنب ڪراچيءَ ۾ رهائش پذير ٿيو. ديوان شيوارام تعليم پوري ڪرڻ بعد زمينداري ۽ واپار جو ڪم سنڀاليو. ٻاويهن ورهين جي عمر ۾ شھري ڪمن ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو، جنهنڪري کيس آڪٽوبر 1906ع ۾ سرڪار پاران ڪراچيءَ ميونسپالٽيءَ جو ميمبر نامزد ڪيو ويو، 05 مئي 1909ع تي ٻيهر ساڳئي عهدي تي مقرر ٿيو. ساڳئي سال ۾ ضلعي لوڪل بورڊ ڪراچيءَ جو ميمبر ٿيو. 1912ع ۾ جڏهن سرڪار طرفان ڪراچي شھر ۾ آنرري مئجسٽريٽ مقرر ڪيا ويا تہ هن کي بہ آنرري مئجسٽريٽ ڪري رکيو ويو. 1934ع ۾ اسپيشل فرسٽ ڪلاس مئجسٽريٽ مقرر ٿيو. 1913ع ۾ آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جي اٺاويهين اجلاس جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو خزانچي مقرر ڪيو ويو. 1920ع ۾ شيوارام، ڪراچي ضلعي لوڪلبورڊ جو پهريون چونڊيل صدر ٿيو، 1920ع کان 1929ع تائين صدر رهيو. هيءُ ’برهمو سماج جماعت‘ جو ميمبر هو، جيڪا آزاد خيال هندن جي جماعت ۽ مذهبي تعصب پرستيءَ کان پاڪ هئي. ضلعي لوڪلبورڊ ڪراچيءَ ۾ صدر جي عهدي لاءِ جي. ايم. سيد سان مقابلو ڪيائين، جنهن ۾ ڪامياب نہ ٿيو. ان لاءِ جي. ايم. سيد اعتراف ڪندي پنھنجي ڪتاب ’جن سين'>جنب گذاريم جن سين‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”آءُ پاڻ کي خوش قسمت ٿو سمجهان، جو ھہڙي لائق ماڻهوءَ جي جاءِ تي چونڊجي آيس، هي ڪڏهن بہ ان جاءِ تان هٽي نہ سگهي ها، جيڪڏهن سندس سؤٽ ديوان هرچندر راءِ ۽ راءِ بھادر جي پاڻ ۾ مخالفت پيدا نہ ٿئي ها.“ راءِ بھادر شيوارام 10 اپريل 1937ع تي ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ مقرر ٿيو. بعد ۾ الھہ بخش سومري اهو سرشتو ختم ڪيو تہ کيس پنھنجي عهدي جي جاءِ خالي ڪرڻي پئي. 1921ع ۾ کيس ’راءِ صاحب‘ ۽ 1927ع ۾ ’راءِ بھادر‘ جو خطاب مليو. بھادر شيوارام'>راءِ بھادر شيوارام ڪراچيءَ ۾ لوئيس لارينس انسٽيٽيوٽ جي بانين مان هو. هي ڪراچي ميونسپل گارڊن ڪميٽيءَ جو ڪيترا سال چيئرمئن ٿي رهيو. ان کان سواءِ ميونسپل اسڪولبورڊ جو 1927ع کان 1930ع تائين چيئرمئن رهيو. شـيــوارام ڪيـترن ادارن جـو اڳـواڻ ۽ ميـمبر ٿي رهيو، جن ۾ ڪـراچــي پورٽ ٽرسٽ (1924ع)، ريلوي ائڊوائيزري ڪاميٽي (1924ع)، ڪراچي سينٽرل جيل ڪاميٽيءَ ۾ (1923ع کان 1927ع تائين)، ڪراچي بئنڪ جو چيئرمئن ۽ ڊائريڪٽر (1919ع کان 1929ع تائين)، ڊي. جي سنڌ ڪاليج بورڊ جو ميمبر (1917ع کان 1928ع تائين)، ڪراچي ڪلب جو پريزيڊنٽ (1926ع)، ’سنڌ آبزرور‘ انگلش ڊيلي لميٽڊ بورڊ جو چيئرمئن، ڪراچيءَ جي هندو جئمخاني جو آنرري خزانچي، ڪراچي سول اسپتال ايسوسيئيشن جو ميمبر ۽ ڪراچي ايئر ڪلب جو ميمبر اچي وڃن ٿا. بھادر شيوارام'>راءِ بھادر شيوارام، خوش خلق، وقت سر ڪم ايندڙ، وسيع لاڳاپن جو مالڪ، سچو دوست، بغض ۽ دشمنيءَ جي خرابيءَ کان خالي هو. سندس هڪ پٽ ڀوڄراج سرڪاري نوڪريءَ ۾ رهيو، جتان رٽائر ڪرڻ بعد والد جي وفات سبب بمبئيءَ ۾ وڃي رهيو.


لفظ راءِ بھادر شيوارامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1883.09.17  عيسوي

مشهور سياستدان، راءِ بهادر شيوارام ولد ديوان ڏيونمل کيمچند، 17 سيپٽمبر 1883ع تي ٺٽي ۾ جنم ورتو.


1937.04.10  عيسوي

راءِ بهادر شيوارام 10 اپريل 1937ع تي ضلعي لوڪل بورڊ جو پريزيڊنٽ مقرر ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جان محمد عباسي فدا
بقراط
سيٺ طيب علي علوي
خوارزمي محمد بن موسيٰ
جاويد قاضي
ڀاوناڻي موهن ديارام
پرڌان روپچند ڊاڪٽر
باغ محمد بيشڪ جوکيو
عبدالستار سمو
سڊس جيمس وليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون