راءِ راؤ1
راءِ/ راؤ1: امرتسر، سيالڪوٽ ۽ شاهپور جا جٽ قبيلا پاڻ کي راءِ/ راؤ سڏائيندا آهن. سر ڊينزل ابسٽن ڄاڻايو آهي تہ چنڊيل راجپوتن جي هڪ شاخ راؤ بہ آهي. پنجاب ۽ سنڌ ۾ اڄ بہ ڪيترا راجپوت پنھنجي نالي سان راءِ/ راؤ ڳنڍيندا آهن، جن مان راؤ علي گوهر، گورنمينٽ ڪاليج سڪرنڊ جو پرنسپال بہ رهي چڪو آهي.