راءِ/ راؤ2: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب اڳئين دؤر جي سومرن بادشاهن کي ’راءُ‘ يا ’راؤ‘ جي لقب سان سڏيو ويندو هو. مثلاً: وڏي ڀونگر يا ننڍي ڀونگر (يعني دودي چنيسر جي ڏاڏي يا پيءُ) کي سڀني روايتن ۾ ’ڀونگر راءِ يا ڀونگر راؤ سڏيو ويو آهي، جيڪو پنھنجي وقت جو طاقتور بادشاھہ هو.ٻيو نالو ’دلوراء‘ بادشاھہ جو اچي ٿو، جيڪو پڻ سومرو هو. سومرن جو آڳاٽو ۽ پهريون مشھور سردار ’سومار‘ هو، جنهن کان پوءِ سندس پٽ سندس نالي پويان ’ابن سومار‘ سڏجڻ لڳو، حالانڪہ ابن سومار جو اصل نالو ’راڄپال‘ هو. ’سومار‘ جو لقب ’راء‘ هو. سومار راءِ مان سومر راءِ سڏبو هو. ’سومر راء‘ جي پويان ئي سندس اولاد ’سومرا‘ سڏجڻ لڳو، جڏهن سومرا حڪمران خود مختيار ٿيا تہ ان دؤر جي ٻين حڪمرانن وانگر شاهي لقب اختيار ڪيائون. راءُ/ راءَ لفظ جي ’جامع سنڌي لغات‘ مطابق معنيٰ راجا/ حاڪم آهي. راءِ گهراڻي جا سمورا راجا ’راءِ‘ سڏبا هئا، جيئن راءِ سهاسي، راءِ سهيرس وغيرہ. هندو حاڪمن جي نالي پٺيان ڪم ايندڙ لفظ ۽ معزز هندن کي سرڪار طرفان مليل خطاب کي ’راءِ بھادر‘ پڻ چيو وڃي ٿو.