راءِ نوگهڻ

راءِ نوگهڻ: راءِ ڪنواٽ جو پٽ راءِ دياس (راءِ ڏياچ) 1003ع ۾ گرنارڪوٽ (جهوناڳڙھہ کان 3 ڪوھہ اوڀر طرف) ۾ ڪاٺياواڙ جي گاديءَ تي ويٺو. هي ذات جو سمو هو. خاندان جي وڏي ڏاڏي ’چوڙا‘ جي پٺيان کين ’چوڙا سما‘ سڏيندا هئا، جيڪي اصل ۾ هندو راجپوت هئا. اهي اصل سنڌ جا هئا، راءِ گهراڻي جي راڄ کانپوءِ ڪي سما ڪاٺياواڙ ڏانهن لڏي ويا هئا ۽ اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيو هئائون. راءِ ڏياچ ست سال راڄائي ڪرڻ کانپوءِ 1070ع ۾ ٻيجل جي سرندي تي موهجي، دان ۾ کيس پنهنجو سر وڍي ڏنو هو. هن جي مرڻ کانپوءِ؛ گجرات جي حاڪم جهونا ڳڙھہ جي حڪومت پنھنجي هٿ ۾ ڪئي ۽ اتي ’ويرل سنگهہ‘ نالي پنهنجو گورنر مقرر ڪيائين. انهيءَ ڪاھہ وقت راءِ ڏياچ جي هڪ راڻي پنھنجي پٽ ’نوگهن‘ راءِ سميت هڪ اهير ’ديوايت‘ جي گهر ۾ پناھہ ورتي (اهير معنيٰ: گوالو يا ڳنوار)، ان وقت اهير جنگي جوڌا ۽ ڪوپا هئا، جن کي ’راوت‘ جو لقب ڏنو ويندو هو. ديوايت اهير تمام بھادر ۽ وفادار جنگي جوڌو هو، جنهن راڻيءَ ۽ نوگهن راءِ جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪئي.
رائچند راٺوڙ جي لکڻ موجب تہ: گجرات جي حاڪم پاران جهوناڳڙھہ جو صوبيدار (گورنر) ويرل سنگهہ کي ڪٿان خبر پئي تہ راجڪمار نوگهن ماءُ سميت ديوايت جي گهر ۾ پناھہ ورتي آهي. هن کي ڊپ هو تہ ڪنهن وقت سندس شيدائي ڪو فساد نہ ڪن، تنهنڪري هن ديوايت کي گهرائي حڪم ڏنو ته؛ ”نوگهن راءِ کي سندس حوالي ڪيو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ سندس سمورو خاندان ناس ڪيو ويندو.“ ديوايت ڇا ڪيو جو، پنھنجي پٽ ’وسڻ‘ کي شاهاڻو ويس ڍڪائي، سندس نوگهڻ راءِ نالو ڄاڻائي ويرل سنگهہ جي سامهون حاضر ڪيو. گورنر ويرل سنگهہ؛ ديوايت کي وري حڪم ڪيو تہ سندس روبرو راجڪمار کي قتل ڪيو وڃي.
ديوايت زهر جو ڍڪ پي، ٻيجل جي روايت کي ياد ڪري، پنھنجي راجا سان وفاداري ڪندي ۽ ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر پنھنجي پٽ وسڻ جو تلوار سان سر قلم ڪيو. ائين ديوايت ڪاٺياواڙ جي تاريخ کي رڱي ڇڏيو ۽ وسڻ بہ ويرگتيءَ لاءِ پنھنجي ملڪ جي صدقي قربان ٿيو. ديوايت پنھنجي پٽ کي دل تي پٿر رکي قتل تہ ڪري ڇڏيو، پر انهيءَ مھل پرڻ ڪيائين تہ: ”جيئن پنهنجو ٻچڙو ڪٺو اٿم، تيئن ويرل سنگهہ کي بہ دوزخ جا در ڏيکاريندس.“
ديوايت پنھنجي ڌيءُ ’جاسل‘ جو مڱڻو عمرڪوٽ جي هڪ اهير خاندان ۾ ڪيو هو. سندس شاديءَ لاءِ هن سموري اهير برادريءَ کي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڪٿان ڪٿان جا اهير اچي گڏ ٿيا هئا، موقعو ڏسي ديوايت پنھنجي ڀائرن سان؛ ويرل سنگهہ کان بدلي وٺڻ جي ڳالھہ ڪئي. ديوايت جي چوڻ تي اهي جنگي جوڌا هٿيارن پهنوارن سان ويرل سنگهہ تي اچي ڪڙڪيا ۽ سموري فوج سميت کيس ختم ڪري ڇڏيائون. ان کانپوءِ هن پنھنجي ڌيءُ جاسل کي پرڻائي عمرڪوٽ روانو ڪيو. ٻئي پاسي اهيرن نوگهڻ راءِ کي پنھنجي پيءُ راءِ ڏياچ جي گاديءَ تي ويهاريو (جيڪو ان وقت بالغ هو) ۽ جهوناڳڙھہ جو راجا مقرر ٿيو.
هن سلسلي جون ڪي ٻيون روايتون بہ مشھور آهن، جن مان هڪ روايت آهي تہ جاسل تمام خوبصورت هئي، جنهن جي حسن جي هاڪ هميـر سومري بہ ٻڌي، جيڪو ان وقت عمرڪوٽ تي راڄ ڪـنـدو هـو. همير سومري، جاسل کي زبردستيءَ محلات ۾ بند ڪيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. جاسل تمام چالاڪ هئي، جنهن همير کي چيو تہ کيس زندہ مڙس جي سوڳ ۾ ويهڻ لاءِ ڇھن مهينن جو وقت ڏنو وڃي! همير اها ڳالھہ قبولي. ٻئي طرف جاسل، نوگهڻ راءِ کي چٺي لکي قاصد روانو ڪيو يا سندس خاوند ’ڏيپو‘ نوگهن راءِ وٽ فريادي ٿيو. نوگهڻ راءِ جڏهن ديوايت جي گهر پناھہ ۾ هو، تڏهن جاسل کي لکت ۾ وچن ڏنو هئائين تہ: ”آءٌ جي ڪنهن بہ وقت گاديءَ تي ويٺس تہ مون تي ڪو ڪم رکندينءَ تہ ٻيون ڳالهيون ڇڏي اول تنهنجو ڪم ڪندس.“ قاصد يا سندس خاوند ڏيپي جڏهن راءِ نوگهن کي اهو دستخط ڏيکاري سموري ڳالھہ ٻڌائي تہ نوگهڻ راءِ تپي باھہ ٿي ويو. هڪدم وڏو فوجي ڪٽڪ وٺي پنھنجي سر 1020ع ۾ امرڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ همير سومري کي شڪست ڏئي، جاسل جا بند خلاص ڪيائين.



هن صفحي کي شيئر ڪريو