راءِ نوگھڻ

راءِ نوگھڻ: راءِ ڪنواٽ جو پٽ راءِ دياس (راءِ ڏياچ) 1003ع ۾ گرنارڪوٽ (جھوناڳڙهه کان 3 ڪوهه اوڀر طرف) ۾ ڪاٺياواڙ جي گاديءَ تي ويٺو. هي ذات جو سمو هو. خاندان جي وڏي ڏاڏي ’چوڙا‘ جي پٺيان کين ’چوڙا سما‘ سڏيندا هئا، جيڪي اصل ۾ هندو راجپوت هئا. اهي اصل سنڌ جا هئا، راءِ گھراڻي جي راڄ کانپوءِ ڪي سما ڪاٺياواڙ ڏانهن لڏي ويا هئا ۽ اتي پنهنجو راڄ قائم ڪيو هئائون. راءِ ڏياچ ست سال راڄائي ڪرڻ کانپوءِ 1070ع ۾ ٻيجل جي سرندي تي موهجي، دان ۾ کيس پنهنجو سر وڍي ڏنو هو. هن جي مرڻ کانپوءِ؛ گجرات جي حاڪم جھونا ڳڙهه جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ڪئي ۽ اتي ’ويرل سنگهه‘ نالي پنهنجو گورنر مقرر ڪيائين. انهيءَ ڪاهه وقت راءِ ڏياچ جي هڪ راڻي پنهنجي پٽ ’نوگھن‘ راءِ سميت هڪ اهير ’ديوايت‘ جي گھر ۾ پناهه ورتي (اهير معنيٰ: گوالو يا ڳنوار)، ان وقت اهير جنگي جوڌا ۽ ڪوپا هئا، جن کي ’راوت‘ جو لقب ڏنو ويندو هو. ديوايت اهير تمام بهادر ۽ وفادار جنگي جوڌو هو، جنهن راڻيءَ ۽ نوگھن راءِ جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪئي.
رائچند راٺوڙ جي لکڻ موجب ته: گجرات جي حاڪم پاران جھوناڳڙهه جو صوبيدار (گورنر) ويرل سنگهه کي ڪٿان خبر پئي ته راجڪمار نوگھن ماءُ سميت ديوايت جي گھر ۾ پناهه ورتي آهي. هن کي ڊپ هو ته ڪنهن وقت سندس شيدائي ڪو فساد نه ڪن، تنهنڪري هن ديوايت کي گھرائي حڪم ڏنو ته؛ ”نوگھن راءِ کي سندس حوالي ڪيو وڃي، ٻيءَ صورت ۾ سندس سمورو خاندان ناس ڪيو ويندو.“ ديوايت ڇا ڪيو جو، پنهنجي پٽ ’وسڻ‘ کي شاهاڻو ويس ڍڪائي، سندس نوگهڻ راءِ نالو ڄاڻائي ويرل سنگهه جي سامهون حاضر ڪيو. گورنر ويرل سنگهه؛ ديوايت کي وري حڪم ڪيو ته سندس روبرو راجڪمار کي قتل ڪيو وڃي.
ديوايت زهر جو ڍڪ پي، ٻيجل جي روايت کي ياد ڪري، پنهنجي راجا سان وفاداري ڪندي ۽ ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر پنهنجي پٽ وسڻ جو تلوار سان سر قلم ڪيو. ائين ديوايت ڪاٺياواڙ جي تاريخ کي رڱي ڇڏيو ۽ وسڻ به ويرگتيءَ لاءِ پنهنجي ملڪ جي صدقي قربان ٿيو. ديوايت پنهنجي پٽ کي دل تي پٿر رکي قتل ته ڪري ڇڏيو، پر انهيءَ مهل پرڻ ڪيائين ته: ”جيئن پنهنجو ٻچڙو ڪٺو اٿم، تيئن ويرل سنگهه کي به دوزخ جا در ڏيکاريندس.“
ديوايت پنهنجي ڌيءُ ’جاسل‘ جو مڱڻو عمرڪوٽ جي هڪ اهير خاندان ۾ ڪيو هو. سندس شاديءَ لاءِ هن سموري اهير برادريءَ کي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڪٿان ڪٿان جا اهير اچي گڏ ٿيا هئا، موقعو ڏسي ديوايت پنهنجي ڀائرن سان؛ ويرل سنگهه کان بدلي وٺڻ جي ڳالهه ڪئي. ديوايت جي چوڻ تي اهي جنگي جوڌا هٿيارن پهنوارن سان ويرل سنگهه تي اچي ڪڙڪيا ۽ سموري فوج سميت کيس ختم ڪري ڇڏيائون. ان کانپوءِ هن پنهنجي ڌيءُ جاسل کي پرڻائي عمرڪوٽ روانو ڪيو. ٻئي پاسي اهيرن نوگھڻ راءِ کي پنهنجي پيءُ راءِ ڏياچ جي گاديءَ تي ويهاريو (جيڪو ان وقت بالغ هو) ۽ جھوناڳڙهه جو راجا مقرر ٿيو.
هن سلسلي جون ڪي ٻيون روايتون به مشهور آهن، جن مان هڪ روايت آهي ته جاسل تمام خوبصورت هئي، جنهن جي حسن جي هاڪ هميـر سومري به ٻڌي، جيڪو ان وقت عمرڪوٽ تي راڄ ڪـنـدو هـو. همير سومري، جاسل کي زبردستيءَ محلات ۾ بند ڪيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي خواهش ڏيکاري. جاسل تمام چالاڪ هئي، جنهن همير کي چيو ته کيس زنده مڙس جي سوڳ ۾ ويهڻ لاءِ ڇهن مهينن جو وقت ڏنو وڃي! همير اها ڳالهه قبولي. ٻئي طرف جاسل، نوگھڻ راءِ کي چٺي لکي قاصد روانو ڪيو يا سندس خاوند ’ڏيپو‘ نوگھن راءِ وٽ فريادي ٿيو. نوگھڻ راءِ جڏهن ديوايت جي گھر پناهه ۾ هو، تڏهن جاسل کي لکت ۾ وچن ڏنو هئائين ته: ”آءٌ جي ڪنهن به وقت گاديءَ تي ويٺس ته مون تي ڪو ڪم رکندينءَ ته ٻيون ڳالهيون ڇڏي اول تنهنجو ڪم ڪندس.“ قاصد يا سندس خاوند ڏيپي جڏهن راءِ نوگهن کي اهو دستخط ڏيکاري سموري ڳالهه ٻڌائي ته نوگھڻ راءِ تپي باهه ٿي ويو. هڪدم وڏو فوجي ڪٽڪ وٺي پنهنجي سر 1020ع ۾ امرڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ همير سومري کي شڪست ڏئي، جاسل جا بند خلاص ڪيائين.



هن صفحي کي شيئر ڪريو