راءِ ڏياچ جي خيالي تصوير
راءِ ڏياچ: راءِ ڏياچ سنڌ جي تاريخ جو اهو منفرد ۽ مهان ڪردار آهي، جنهن جي سخاوت ڏيهان ڏيهه مشهور هئي. هو جهوناڳڙهه تي حڪمراني ڪندوهو. راءِ ڏياچ لاءِ هڪ ڏند ڪٿا مشهور آهي ته سندس ڀيڻ کي اولاد ڪو نه ٿيندو هو. ٽوڻن ڦيڻن ڪرائڻ کان سواءِ هوءَ ڏس پڇائيندي نيٺ هڪ پنڊت وٽ وڃي پهتي، جنهن چيس ته تو کي اولاد لکيل آهي ۽ پٽ ٿيندئي، جيڪو تنهنجي حاڪم ڀاءُ راءِ ڏياچ جو سر وٺندو. ان بعد راجا جي ڀيڻ دعائن ذريعي اهڙي پٽ جي پيدائش کان پناهه گھرندي رهي، پر نيٺ کيس پٽ ڄائو. روايت آهي ته راجا جي ڀيڻ پنهنجو پٽ صندوق (پيتيءَ) ۾ بند ڪرائي درياهه ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪو ريٻارين کي هٿ آيو، جن مٿس ’ٻيجل‘ نالو رکيو ۽ کيس نپائي وڏو ڪيو. ٻيجل وڏو ٿي ٻڪريون چاريندو هو. هڪ ڏينهن ٻيجل وڻ تي ٽنگيل ڪنهن جانور جا آنڊا ڏٺا، جيڪي سُڪي وڃڻ بعد هوا ۾ لڏي رهيا هئا ۽ انهن مان سوز ڀريا سُر پئي نڪتا. ٻيجل اهي سُڪل آنڊا کڻي، انهن مان هڪ ساز جوڙيو ۽ پوءِ اڪثر اهو ساز وڄائيندو رهندو هو ۽ هر ٻڌڻ واري جي دل موهي ڇڏيندو هو. روايت آهي ته هڪ ڀيري جڏهن ٻيجل ٻڪريون چارڻ سانگي ٻاهر جھنگ ۾ ويو ته شهر ۾ انيراءِ جي بادشاهه جا ماڻهو سون سان ڀريل ٿالهه کڻي گھٽين ۾ پڙهو ڏيڻ آيا ته جيڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو، ان کي اڳواٽ سون سان ڀريل ٿالهه ملندو، باقي ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ جيڪي گھرندو سو ملندس. ٻيجل جي زال لالچ ۾ اچي اهو ٿالهه وٺي پاڻ وٽ رکيو ۽ وعدو ڪري ويٺي ته سندس مڙس راجا کي ڪيئن به ڪري قتل ڪري سندس سِر انيراءِ آڏو ضرور پيش ڪندو. جڏهن ٻيجل گھر آيو ته زال واتان اهڙي ڳالهه ٻڌي سخت ناراض ٿيو، پر سندس زال جيئن ته انيراءِ بادشاهه جي ماڻهن کان سون جو ٿالهه وٺي رکيو هو ۽ انهن سان وعدو به ڪري ويٺي هئي، ان ڪري هي ان ڳالهه کي نظر انداز نٿي ڪري سگھيو. هن راءِ ڏياچ جي سخاوت، ايمانداري، ذوق ۽ وعدي وفا ڪرڻ جا ڳڻ ٻڌا هئا. نيٺ هن پنهنجي ساز کي راءِ ڏياچ جي قتل جو ذريعو بنائڻ جو سوچيو. نت نيون، پرسوز ۽ من موهيندڙ ڌنون ايجاد ڪندو، وڄائيندو ماڻهن جي دلين کي مست ڪندو، پنهنجو منفرد مقام جوڙيندو وڃي سورٺ جي سُهاڳ راءِ ڏياچ جي بستيءَ ۾ پهتو. راجا راڳ رنگ ۽ ڪچهريءَ وارين محفلن جو بي انتها شوقين هو، جيڪو به راڳ جا ڪي نوان گُر ۽ ڳڻ کڻي سندس درٻار ۾ ايندو هو ته هو ان کي انعامن اعزازن سان خوب نوازيندو هو. ٻيجل به پنهنجي ساز سميت سندس درٻار جي ٻاهران اچي پهتو ۽ پرسوز ساز وڄائيندو رهيو. ماڻهن جي رش ۽ ساز جي آواز تي راءِ ڏياچ کي پڇڻو پيو ته اهو ڪير آهي، جيڪو ايڏو پراثر ساز پيو وڄائي؟ وزيرن غلامن کيس ڄاڻ ڏني ته هڪ مڱڻهار آهي، جنهن جي ساز ۾ عجيب سوز ۽ ڇڪ آهي، جو سمورا ماڻهو وڃن ٿا وٽس ڀيڙا ٿيندا. راءِ ڏياچ کي اهو ساز ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيو، سو حڪم ڪيائين ته سازنديءَ کي محل ۾ وٺي اچو، پر مڱڻهار به ڪو عام مڱڻهار ته نه هو، جو عام سڏ تي اچي پڄي ها، سو اچڻ کان انڪار ڪيائين، پر راءِ ڏياچ جي محل جي ڀر نه ڇڏيائين. سندس ساز ٻڌڻ لاءِ راجا جي بيچيني وڌندي وئي. راجا مڱڻهار کي پاڻ وٽ آڻڻ لاءِ زور ڀريو. نيٺ ٻيجل راجا وٽ آيو، پر وعدو ورتائين ته ساز ٻڌائڻ کانپوءِ هي راجا کان جيڪو گھرندو، سو ڏيندو. راجا ان شرط تي راضي ٿيو. راجا جڏهن واعدو ڪري ويٺو ته تڏهن ٻيجل نت نوان سُر وڄائيندو رهيو. راجا سمجھي ويو هو ته هي ڪو عام مڱتو ناهي. هڪ ڏينهن جڏهن راءِ ڏياچ جي روح ۾ اهو راڳ رچي ويو ۽ ان ساز نه ٻڌڻ سان سندس من ۾ اڻ تڻ وڌي ٿي وئي ته ان حالت کي سمجھندي ٻيجل ساز بند ڪري ٿي ڇڏيو. هن کيس ساز ٻڌائڻ لاءِ زور ٿي ڀريو. انهيءَ عالم ۾ راءِ ڏياچ کيس ڪيترا هيرا جواهر آڇيا، پر مڱتو مڙڻ وارو نه هو، سو نه مڙيو ۽ نه ئي راجا راڳ ٻڌڻ کان رهيو. وچن پاڙڻ لاءِ راءِ ڏياچ کيس چيو ته: ”منگتا! گهر جيڪو گهرڻو اٿئي“، ٻيجل وراڻيو: ”بادشاهه سلامت! مون کي صرف تنهنجو سر کپي“.
ان دوران راءِ ڏياچ جي راڻي موتين ۽ هيرن سان سينگاريل سورٺ تي ڄڻ وڄ ڪڙڪي پئي. هن پنهنجي سهاڳ کي بچائڻ لاءِ ٻيجل آڏو ڪيتريون صدائون ڪيون، پر جھڙو مڱڻهار اصول جو پڪو هو، تهڙو راجا وعدي تي اٽل.
نيٺ ٻيجل جي سُرن تي سر جو سودو ڪري راءِ ڏياچ پنهنجو ڪنڌ تيز ڌار واري اوزار سان ڪپي ڇڏيو. سُرن سان سِرن جو سودو ڪندڙ سوداگر جي فتح ٿي.
سنڌ جي هن منفرد ڪردار جي قصي کي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ پنهنجي رسالي جي ’سُر سورٺ‘ ۾ سمائي امر ڪري ڇڏيو. سورٺ جي وڌوا ٿيڻ وارن لمحن کي شاهه لطيف انتهائي جيءَ جھوريندڙ سٽن ۾ سمايو آهي:
گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سهسين سورٺ جھڙيون اڀيون اوسارين،
چوٽو چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم گيو