راءِ ڏياچ جي خيالي تصوير

راءِ ڏياچ جي خيالي تصوير

راءِ ڏياچ

راءِ ڏياچ: راءِ ڏياچ سنڌ جي تاريخ جو اهو منفرد ۽ مهان ڪردار آهي، جنهن جي سخاوت ڏيهان ڏيھہ مشھور هئي. هو جهوناڳڙھہ تي حڪمراني ڪندوهو. راءِ ڏياچ لاءِ هڪ ڏند ڪٿا مشھور آهي تہ سندس ڀيڻ کي اولاد ڪو نہ ٿيندو هو. ٽوڻن ڦيڻن ڪرائڻ کان سواءِ هوءَ ڏس پڇائيندي نيٺ هڪ پنڊت وٽ وڃي پهتي، جنهن چيس تہ تو کي اولاد لکيل آهي ۽ پٽ ٿيندئي، جيڪو تنھنجي حاڪم ڀاءُ راءِ ڏياچ جو سر وٺندو. ان بعد راجا جي ڀيڻ دعائن ذريعي اهڙي پٽ جي پيدائش کان پناھہ گهرندي رهي، پر نيٺ کيس پٽ ڄائو. روايت آهي تہ راجا جي ڀيڻ پنهنجو پٽ صندوق (پيتيءَ) ۾ بند ڪرائي درياھہ ۾ لوڙهي ڇڏيو، جيڪو ريٻارين کي هٿ آيو، جن مٿس ’ٻيجل‘ نالو رکيو ۽ کيس نپائي وڏو ڪيو. ٻيجل وڏو ٿي ٻڪريون چاريندو هو. هڪ ڏينهن ٻيجل وڻ تي ٽنگيل ڪنهن جانور جا آنڊا ڏٺا، جيڪي سُڪي وڃڻ بعد هوا ۾ لڏي رهيا هئا ۽ انهن مان سوز ڀريا سُر پئي نڪتا. ٻيجل اهي سُڪل آنڊا کڻي، انهن مان هڪ ساز جوڙيو ۽ پوءِ اڪثر اهو ساز وڄائيندو رهندو هو ۽ هر ٻڌڻ واري جي دل موهي ڇڏيندو هو. روايت آهي تہ هڪ ڀيري جڏهن ٻيجل ٻڪريون چارڻ سانگي ٻاهر جهنگ ۾ ويو تہ شھر ۾ انيراءِ جي بادشاھہ جا ماڻهو سون سان ڀريل ٿالھہ کڻي گهٽين ۾ پڙهو ڏيڻ آيا تہ جيڪو راءِ ڏياچ جو سر وڍي ايندو، ان کي اڳواٽ سون سان ڀريل ٿالھہ ملندو، باقي ڪارروائي ڪرڻ کانپوءِ جيڪي گهرندو سو ملندس. ٻيجل جي زال لالچ ۾ اچي اهو ٿالھہ وٺي پاڻ وٽ رکيو ۽ وعدو ڪري ويٺي تہ سندس مڙس راجا کي ڪيئن بہ ڪري قتل ڪري سندس سِر انيراءِ آڏو ضرور پيش ڪندو. جڏهن ٻيجل گهر آيو تہ زال واتان اهڙي ڳالھہ ٻڌي سخت ناراض ٿيو، پر سندس زال جيئن تہ انيراءِ بادشاھہ جي ماڻهن کان سون جو ٿالھہ وٺي رکيو هو ۽ انهن سان وعدو بہ ڪري ويٺي هئي، ان ڪري هي ان ڳالھہ کي نظر انداز نٿي ڪري سگهيو. هن راءِ ڏياچ جي سخاوت، ايمانداري، ذوق ۽ وعدي وفا ڪرڻ جا ڳڻ ٻڌا هئا. نيٺ هن پنھنجي ساز کي راءِ ڏياچ جي قتل جو ذريعو بنائڻ جو سوچيو. نت نيون، پرسوز ۽ من موهيندڙ ڌنون ايجاد ڪندو، وڄائيندو ماڻهن جي دلين کي مست ڪندو، پنهنجو منفرد مقام جوڙيندو وڃي سورٺ جي سُهاڳ راءِ ڏياچ جي بستيءَ ۾ پهتو. راجا راڳ رنگ ۽ ڪچهريءَ وارين محفلن جو بي انتها شوقين هو، جيڪو بہ راڳ جا ڪي نوان گُر ۽ ڳڻ کڻي سندس درٻار ۾ ايندو هو تہ هو ان کي انعامن اعزازن سان خوب نوازيندو هو. ٻيجل بہ پنھنجي ساز سميت سندس درٻار جي ٻاهران اچي پهتو ۽ پرسوز ساز وڄائيندو رهيو. ماڻهن جي رش ۽ ساز جي آواز تي راءِ ڏياچ کي پڇڻو پيو تہ اهو ڪير آهي، جيڪو ايڏو پراثر ساز پيو وڄائي؟ وزيرن غلامن کيس ڄاڻ ڏني تہ هڪ مڱڻهار آهي، جنهن جي ساز ۾ عجيب سوز ۽ ڇڪ آهي، جو سمورا ماڻهو وڃن ٿا وٽس ڀيڙا ٿيندا. راءِ ڏياچ کي اهو ساز ٻڌڻ جو شوق پيدا ٿيو، سو حڪم ڪيائين تہ سازنديءَ کي محل ۾ وٺي اچو، پر مڱڻهار بہ ڪو عام مڱڻهار تہ نہ هو، جو عام سڏ تي اچي پڄي ها، سو اچڻ کان انڪار ڪيائين، پر راءِ ڏياچ جي محل جي ڀر نہ ڇڏيائين. سندس ساز ٻڌڻ لاءِ راجا جي بيچيني وڌندي وئي. راجا مڱڻهار کي پاڻ وٽ آڻڻ لاءِ زور ڀريو. نيٺ ٻيجل راجا وٽ آيو، پر وعدو ورتائين تہ ساز ٻڌائڻ کانپوءِ هي راجا کان جيڪو گهرندو، سو ڏيندو. راجا ان شرط تي راضي ٿيو. راجا جڏهن واعدو ڪري ويٺو تہ تڏهن ٻيجل نت نوان سُر وڄائيندو رهيو. راجا سمجهي ويو هو تہ هي ڪو عام مڱتو ناهي. هڪ ڏينهن جڏهن راءِ ڏياچ جي روح ۾ اهو راڳ رچي ويو ۽ ان ساز نہ ٻڌڻ سان سندس من ۾ اڻ تڻ وڌي ٿي وئي تہ ان حالت کي سمجهندي ٻيجل ساز بند ڪري ٿي ڇڏيو. هن کيس ساز ٻڌائڻ لاءِ زور ٿي ڀريو. انهيءَ عالم ۾ راءِ ڏياچ کيس ڪيترا هيرا جواهر آڇيا، پر مڱتو مڙڻ وارو نہ هو، سو نہ مڙيو ۽ نہ ئي راجا راڳ ٻڌڻ کان رهيو. وچن پاڙڻ لاءِ راءِ ڏياچ کيس چيو تہ: ”منگتا! گهر جيڪو گهرڻو اٿئي“، ٻيجل وراڻيو: ”بادشاھہ سلامت! مون کي صرف تنهنجو سر کپي“.
ان دوران راءِ ڏياچ جي راڻي موتين ۽ هيرن سان سينگاريل سورٺ تي ڄڻ وڄ ڪڙڪي پئي. هن پنھنجي سهاڳ کي بچائڻ لاءِ ٻيجل آڏو ڪيتريون صدائون ڪيون، پر جهڙو مڱڻهار اصول جو پڪو هو، تهڙو راجا وعدي تي اٽل.
نيٺ ٻيجل جي سُرن تي سر جو سودو ڪري راءِ ڏياچ پنهنجو ڪنڌ تيز ڌار واري اوزار سان ڪپي ڇڏيو. سُرن سان سِرن جو سودو ڪندڙ سوداگر جي فتح ٿي.
سنڌ جي هن منفرد ڪردار جي قصي کي شاھہ عبداللطيف ڀٽائيءَ پنھنجي رسالي جي ’سُر سورٺ‘ ۾ سمائي امر ڪري ڇڏيو. سورٺ جي وڌوا ٿيڻ وارن لمحن کي شاھہ لطيف انتهائي جيءَ جهوريندڙ سٽن ۾ سمايو آهي:
گل ڇنو گرنار جو، پٽڻ ٿيون پٽين،
سهسين سورٺ جهڙيون اڀيون اوسارين،
چوٽو چارڻ هٿ ۾، سر سينگاريو ڏين،
ناريون ناڏ ڪرين، راجا رات رم گيو


لفظ راءِ ڏياچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو