راءِ ڏياچ  فلم جو هڪ منظر

راءِ ڏياچ فلم جو هڪ منظر

راءِ ڏياچ فلم

راءِ ڏياچ (فلم): هيءَ سنڌي فلم ’اباڻا‘ فلم جي ڪاميابيءَ بعد 1959ع ۾ هندستان ۾ ٺھي ۽ رليز ٿي. هيءَ فلم شاھہ عبداللطيف جي سر سورٺ تي آڌاريل آهي، جنهن ۾ راجا راءِ ڏياچ سنگيت جي سُرن تي عاشق ٿي هڪ سُرندي وڄائيندڙ ٻيجل کي سِر وڍي ڏئي ٿو. هن فلم جو فلمساز آتو لعلواڻي ۽ هدايتڪار جي. جي للا هو. هن فلم جا گيت ناليواري شاعر پرسرام ضيا لکيا ۽ موسيقي بلو سي راڻي ڏني. هن فلم جا مکيہ اداڪار پرتاب منيار، آتو لعلواڻي، شانتي ڪان موهن، ڀڏو آڏواڻي ۽ ٽُن ٽُن هئا. هيءَ فلم هدايتڪاري، فوٽو گرافي ۽ ڪهاڻيءَ جي لحاظ کان بھترين فلم هئي، جنهن کي سنڌي ماڻهن گهڻو ساراهيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو