راءِ کنگهار

راءِ کنگهار: يارهين عيسوي صديءَ جي آخر ڌاري جهوناڳڙھہ ۾ هڪ ظالم ۽ مغرور حاڪم هوندو هو. سندس روين مان سمورو راڄ تنگ هوندو هو. ان دؤر ۾ سنڌ جي ٿر واري علائقي ۾ڪيرٽيءَ ۾ راڻو روپاڙ سنگهہ حڪومت ڪندو هو. ڪيرٽي شھر جا کنڊر، مٺي - ڏيپلي روڊ تي ڏکڻ طرف مٺي شھر کان چوڏهن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي اڄ موجود آهن. راڻي روپاڙ سنگهہ کي ڌيءَ ڄائي، جنهن لاءِ جوتشين راڻي کي ٻڌايو تہ هي ڇوڪري جنهن بہ گهر ۾ رهندي اهو گهر تباھہ ٿيندو. راڻي روپاڙ سنگهہ جوتشين جي ڳالهين ۾ اچي ڌيءَ کي جهنگ ۾ ڦٽو ڪيو، جتان هڙونت ڪنڀار کڻي وڃي ڇوڪريءَ جي پالنا ڪئي ۽ مٿس راڻڪ ديوي نالو رکيو. راڻڪ ديوي انتهائي خوبصورت هئي، جڏهن جوان ٿي تہ راڻو مٿس موهجي پيو، جيڪو ڇوڪريءَ جي اصليت کان اڻڄاڻ هو. هڙونت ڪنڀار معاملي کي لڪ ۾ رکڻ لاءِ راڻڪ ديوي ۽ گهر وارن سميت گجرات هليو ويو، جتي گجرات جي حاڪم سڌارج کانئس راڻڪ ديويءَ جو سڱ گهريو ۽ جهونا ڳڙھہ جي حاڪم راءِ کنگهار بہ سڱ وٺڻ لاءِ هڙونت تي زور رکيو. هڙونت گجرات ۾ هجڻ سبب سڱ سڌارج کي ڏيڻ پئي چاهيو. هڙونت جي اهڙي نيت جي جڏهن راءِ کنگهار کي خبر پئي تہ راڻڪ ديويءَ کي زوري کڻي وڃي شادي ڪيائين، جنهن تي گجرات جي حاڪم سڌارج ڏمرجي هڪ وڏو لشڪر وٺي جهوناڳڙھہ جو گهيرو ڪيو ۽ ٻارهن سالن تائين راءِ کنگهار جو گهيرو قائم رکيائين. راءِ کنگهار بہ پنھنجي هٺ تي قائم رهيو، نيٺ سندس ڀاڻيجن ڏيجل ۽ ٻيجل سڌراج جو ساٿ ڏنو، جو سندن چاچو هو. انهن جي سازش سان سڌراج، راءِ کنگهار کي شڪست ڏئي ماري ڇڏيو، جنهن بعد راڻڪ ديوي بہ پاڻ کي باھہ ۾ ساڙي ڇڏيو.


لفظ راءِ کنگهارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو