راءِ گنگاجر جکرو

راءِ گنگاجر جکرو: راءِ گنگاجر جکرو آڳاٽي دؤر ۾ سورهيه ۽ ڏاتار ٿي گذريو آهي. هو پاتار شهر جو رهاڪو هو، جتي سندس قلعو هوندو هو. ان ڪري کيس ’گڍ ڌڻي‘ پڻ سڏيو ويندو هو. لاڙ جو مشهور بندر پاتار سندس قبضي ۾ هوندو هو. گمان آهي ته اهو پاتار جو قلعو بدين ضلعي ۾ هو. بدين ضلعي ۾ اڄ به ڪافي ديهون پاتال يا پاتار جي نالي سان موجود آهن. ڪن محققن جي راءِ آهي ته راءِ گنگاجر جي راڄڌاني بدين ضلعي جي حدن ۾ هئي. راءِ گنگاجر پنهنجي دؤر جو مشهور سخي سردار هو. سندس ڌاڪو پنهنجي علائقي کانسواءِ آسپاس جي راڄڌانين ۾ هو. سندس سخاوت مشهور هئي. سندس سخاوت جي ڪري مڱڻهار، ڀاٽي ۽ ڀان، ان وهڪري کي گنگا جو وهڪرو چوندا هئا. اهو وهڪرو تمام پراڻو هو، جنهن جا نشان بدين ضلعي ۾ اڄ به ملن ٿا. ان وهڪري جي هڪ شاخ ’گھنگھڙو‘ جي نالي سان اڄ به موجود آهي، جيڪا کور واهه جي اتر کان لنگهي محمد طور جي اترئين ڪناري وٽان ٿيندي مغلڀين شهر جي اولهه پاسي کان لنگھي سير کاري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
راءِ گنگاجر جي سخاوت سبب روز ڪيترائي سوالي وٽس اچي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندا هئا. راءِ گنگاجر هر سواليءَ جو سوال پورو ڪندو هو. سندس سخا جو اهڙو ذڪر شاهه عنات رضويءَ به ڪيو آهي ته:
سمو سانوڻ مينهن جيئن، رات وسي ۽ ڏينهن،
جيئن گھرجي جن کي، تن ڏياري تيئن،
ڏاتر سڄي ڏيهه ۾، تون قرض ڪڍين ٿو ڪيئن،
وڃ گنگاجر سيئن، ته ’ستي‘ ٿين سيد چئي.
راءِ گنگاجر جکرو سائلن کي هميشه دان ڏيندو هو، سندس در تان ڪو به سوالي ڪڏهن به خالي هٿين نه موٽيو. پنهنجي علائقي کانسواءِ ڪڇ، ڀُڄ ۽ پڇم سميت ٻين علائقن ۾ سندس سخاوت مشهور ٿي، جيڪو به ضرورتمند سندس شهر تائين پهتو ان کي ڪجهه نه ڪجهه ضرور نوازيائين. شاهه لطيف سندس سخاوت کي هيئن بيان ڪيو آهي ته: جيئن گنگاجر هاريو، تيئن اکين پنو نينهن، سندو موتين مينهن، جال وسايو جکري. - پيهي پن پاتار ۾، جت ڳڙهه گنگاجر راءِ، ڇڏ ميلا هن هنڌ جا، ٿي جکري پاسي جاءِ. ايندس سک نه ساءِ، ويل ويندئي نڪري.


لفظ راءِ گنگاجر جکروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو