راءِ گنگاجر جکرو

راءِ گنگاجر جکرو: راءِ گنگاجر جکرو آڳاٽي دؤر ۾ سورهيه ۽ ڏاتار ٿي گذريو آهي. هو پاتار شھر جو رهاڪو هو، جتي سندس قلعو هوندو هو. ان ڪري کيس ’گڍ ڌڻي‘ پڻ سڏيو ويندو هو. لاڙ جو مشھور بندر پاتار سندس قبضي ۾ هوندو هو. گمان آهي تہ اهو پاتار جو قلعو بدين ضلعي ۾ هو. بدين ضلعي ۾ اڄ بہ ڪافي ديهون پاتال يا پاتار جي نالي سان موجود آهن. ڪن محققن جي راءِ آهي تہ راءِ گنگاجر جي راڄڌاني بدين ضلعي جي حدن ۾ هئي. راءِ گنگاجر پنھنجي دؤر جو مشھور سخي سردار هو. سندس ڌاڪو پنھنجي علائقي کانسواءِ آسپاس جي راڄڌانين ۾ هو. سندس سخاوت مشھور هئي. سندس سخاوت جي ڪري مڱڻهار، ڀاٽي ۽ ڀان، ان وهڪري کي گنگا جو وهڪرو چوندا هئا. اهو وهڪرو تمام پراڻو هو، جنهن جا نشان بدين ضلعي ۾ اڄ بہ ملن ٿا. ان وهڪري جي هڪ شاخ ’گهنگهڙو‘ جي نالي سان اڄ بہ موجود آهي، جيڪا کور واھہ جي اتر کان لنگهي محمد طور جي اترئين ڪناري وٽان ٿيندي مغلڀين شھر جي اولھہ پاسي کان لنگهي سير کاري ۾ ڇوڙ ڪندي هئي.
راءِ گنگاجر جي سخاوت سبب روز ڪيترائي سوالي وٽس اچي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪندا هئا. راءِ گنگاجر هر سواليءَ جو سوال پورو ڪندو هو. سندس سخا جو اهڙو ذڪر شاھہ عنات رضويءَ بہ ڪيو آهي تہ:
سمو سانوڻ مينهن جيئن، رات وسي ۽ ڏينهن،
جيئن گهرجي جن کي، تن ڏياري تيئن،
ڏاتر سڄي ڏيھہ ۾، تون قرض ڪڍين ٿو ڪيئن،
وڃ گنگاجر سيئن، تہ ’ستي‘ ٿين سيد چئي.
راءِ گنگاجر جکرو سائلن کي هميشہ دان ڏيندو هو، سندس در تان ڪو بہ سوالي ڪڏهن بہ خالي هٿين نہ موٽيو. پنھنجي علائقي کانسواءِ ڪڇ، ڀُڄ ۽ پڇم سميت ٻين علائقن ۾ سندس سخاوت مشھور ٿي، جيڪو بہ ضرورتمند سندس شھر تائين پهتو ان کي ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور نوازيائين. شاھہ لطيف سندس سخاوت کي هيئن بيان ڪيو آهي تہ: جيئن گنگاجر هاريو، تيئن اکين پنو نينهن، سندو موتين مينهن، جال وسايو جکري. - پيهي پن پاتار ۾، جت ڳڙھہ گنگاجر راءِ، ڇڏ ميلا هن هنڌ جا، ٿي جکري پاسي جاءِ. ايندس سک نہ ساءِ، ويل ويندئي نڪري.


لفظ راءِ گنگاجر جکروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو