راءِ گھراڻو

راءِ گھراڻو: ايران ملڪ تي ساساني خاندان 226ع کان 652ع تائين حڪمراني ڪئي. اسلام کان اڳ ايران جي هيءَ آخري غير مسلم ۽ عظيم شهنشاهيت ٿي گذري آهي. شاپوراعظم (309ع- 379ع) جي دور ۾ ساسانيت هند ۽ سنڌ طرف پيش قدمي ڪئي. ان کانپوءِ به ان قسم جون ڪوششون ٿينديون رهيون. جڏهن ايران تي ساساني حڪومت ڪري رهيا هئا، تڏهن سنڌ ۾ مقامي راءِ گهراڻي پنهنجي حڪمرانيءَ طرف پيش قدمي ڪئي. مؤرخن جي راءِ آهي ته ابتدا ۾ راءِ خاندان ايراني بادشاهن جي تابعداري ڪئي. ليڪن اڳتي هلي اهي بلڪل خودمختيار ۽ آزاد ٿي ويا. هن خاندان سنڌ کي پنج بادشاهه ڏنا. (1) راءِ ديوائج (ڏياچ/ ڏيوجي)، (2) راءِ سهيرس (پهريون)، (3) راءِ ساهسي (پهريون)، (4) راءِ سهيرس (ٻيو)، (5) راءِ ساهسي (ٻيو). سهيرس کي سهارس ۽ ساهسيءَ کي سهاسي پڻ لکيو يا سڏيو وڃي ٿو. مشهور اديب ۽ تاريخدان رحيمداد خان مولائي شيدائي ’جنت السنڌ‘ ۾ برهمڻ حاڪمن جا نالا ۽ سال ڄاڻايا آهن. ساهسي گھراڻي جي باري ۾ ڏنل ڄاڻ بابت ڪيترن ئي مؤرخن پنهنجي پنهنجي راءِ ۾اختلاف ڏيکاريا آهن. ايڇ ٽي ليمبرڪ جي راءِ آهي ته راءِ خاندان 550ع کان 644ع تائين سنڌ تي حڪمراني ڪئي. (سنڌ: مسلمانن جي فتح کان اڳ، سنڌي ادبي بورڊ، 1984ع). ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي لکت موجب راءِ گھراڻي جو خاتمو 652ع ۾ ٿيو (سنڌ صدين کان، ص: 153، ڪراچي 1982ع). راءِ خاندان جي دور ۾ سنڌ جون سرحدون گهڻي ڀاڱي موجوده پاڪستان جي حدن تائين پکڙيل هيون. ملڪ جا چار پرڳڻا: هر هڪ: ملتان، اُچ، برهمڻ آباد ۽ سيوهڻ هئا، جتي راءِ گھراڻي پاران گورنر حڪومت ڪندا هئا. سنڌ جو تختگاهه ’اروڙ‘ جو شهر هو، جو ان دور ۾ سنڌ جو مکيه شهر هو. سنڌ جو اهم بندرگاههديبل‘ هو، جنهن ذريعي ملڪ جو بين الاقوامي واپار ٿيندو هو. راءِ خاندان جي دور ۾ ’ٻڌ ڌرم‘ سنڌ جو سرڪاري مذهب هو، هر طرف امن امان هو، رعيت خوش ۽ خوشحال هئي. سموري ملڪ ۾ مڪران کان ڪشمير تائين ڪوٽن ۽ قلعن جو ڄار وڇايل هو، جتي سنڌ جي حفاظت لاءِ اهم فوجي مرڪز قائم ٿيل هئا. راءِ ديـوائـج (ڏيـوجـي/ ڏيـاچ): سـنڌ جـي قـديـم تـرين تـحــريـري تــاريـخ ’چچ نامه‘ ۾ راءِ گهراڻي جي ٻن بادشاهن جا نالا ملن ٿا. جڏهن ته ’تحفة الڪرام‘ ۾ انهن جا پنج نالا ڏنا ويا آهن. موجوده دور ۾ اڪثر تاريخدان پنجن نالن تي اتفاق ڪن ٿا. راءِ ديوائج هن خاندان جو پهريون حڪمران آهي. امڪاني طرح هي 550ع ۾ سنڌ جو حاڪم ٿيو. شروع ۾ گھٽ طاقتور هو، بعد ۾ اقتدار ۽ اختيار کي وسعت ڏنائين. مؤرخ مير علي شير قانع لکي ٿو ته راءَ ديوائج عاليشان بادشاهه هو. هندستان جا سڀ بادشاهه سندس مخلص ۽ خيرخواهه هئا. ڄاڻو ڪامورن جي هٿ هيٺ ساري ملڪ جو دل گھرئي نموني ڪاروبار ٿي هليو. هن جي نالي بابت مختلف رايا آهن. ڪي ڏياچ ته وري ڪي راءِ ڏيواجي لکن ٿا. سندس وفات جي تاريخ معلوم نه ٿي سگهي آهي. راءِ سهيرس (پهريون): هيءُ راءِ گھراڻي جو سنڌ ۾ ٻيو بادشاهه ٿي گذريو آهي. هن جي حڪومت ۾اچڻ جي سال ۽ وفات جي سال بابت ڄاڻ نه ٿي ملي. والد جي وفات کانپوءِ راءِ سهيرس (پهريون) تخت ۽ تاج جو مالڪ ٿيو. پيءُ جي حڪومت هلائڻ واري رستي تي هلندي حڪومت ڪيائين. عيش ۽ آرام سان زندگي گذاري جهان ڇڏيائين. راءِ ساهسي (پهريون): راءِ خاندان جو ٽيون حاڪم جنهن اروڙ ۾ شان شوڪت سان حڪومت ڪئي. مير علي شير قانع ٺٽويءَ موجب: راءِ ساهسي حڪومت جي گادي ۽ بادشاهيءَ جي تخت تي مرادون ماڻي، ڪيترو عرصو گذاريو ۽ وڏن واريون رسمون چڱيءَ طرح جاري رکيون. سندس دور بابت خبر ڪانهي. راءِ ساهسيءَ کي راءِ سهاسي (پهريون) به سڏيو ويو آهي. راءِ سهيرس (ٻيو): راءِ گھراڻي جو هي سنڌ جو چوٿون بادشاهه ٿي گذريو آهي. کيس ڪن تاريخدانن راءِ سهارس (ٻيو) به لکيو آهي. سندس حڪومت جي آغاز بابت ڄاڻ نه ٿي ملي. پاڻ عادل ۽ انصاف پرور حاڪم هو. ڪشمير کان مڪران تائين سمورو ملڪ سندس مطيع هو. اروڙ جو سهڻو شهر ان وقت سنڌ جو تختگاهه هو. علي بن حامد ڪوفيءَ ’چچ نامه‘ ڪتاب ۾ اروڙ شهر جي گھڻي نيڪي ڪئي آهي. سنڌو درياهه ان جي ڀر ۾ وهندو هو. باغ ۽ باغيچا جھجها هئا، ميوا، گل ۽ ٻوٽا جام ٿيندا هئا. شهر کي عاليشان ڪوٽ ڏنل هو. روهڙي شهر کان اوڀر- ڏکڻ ۾ ڪجھه ڪلوميٽرن تي هن شهر جا آثار اڄ به ان جي عظمت ۽ قدامت جي شاهدي ڏين ٿا. اوچتو ايران جي نيمروز جي بادشاهه سنڌ جي سرحدن ۾ مداخلت ڪئي. خبر ملڻ شرط راءِ سيهرس (ٻيو) ڪيچ جي حدن وٽ سندس سامهون ٿي جنگ جو ميدان سينگاريو، سخت ترين جنگ ٿي، ٻن پهرن جو هڪ تير وڃي سندس نڙيءَ ۾ لڳو. هن جنگ ۾ راءِ سهيرس جا جنگي جوڌا سرن ۾ زنجيرون ٻڌي وڙهيا، ته جيئن منجهانئن ڪو به ڀڄي نه سگهي. ان ڪري هن جنگ کي ’ذات السلاسل‘ به سڏيو ويو آهي، يعني زنجيرن واري جنگ. راءِ سيهرس فوت ٿي ويو. نيمروز جو بادشاهه علائقي کي ڦري لٽي واپس موٽي ويو. (تحفة الڪرام، ص: 10). جڏهن ته چچنامي جي مصنف ڪيچ بجاءِ ’ڪرمان‘ لکيو آهي، جيڪو وڌيڪ درست لڳي ٿو. (ص 23). ڊاڪٽر ليمبرڪ موجب ان وقت ساساني بادشاهت ۾ اندروني ويڙهه جاري هئي. موقعي جو فائدو وٺي هڪ صوبي نيمروز سيستان جي حاڪم پنهنجي طاقت وڌائڻ لاءِ هيءَ مهم جوئي ڪئي هجي. (سنڌ مسلمانن جي فتح کان اڳ، ص: 233-232). نئين تحقيق موجب 4 هه/ 626ع ۾ هي واقعو پيش آيو. (ممتاز مرزا: سنڌ صدين کان، ص 153، 1982ع). راءِ سيهرس (ٻيو) جي قتل کانپوءِ به سنڌ جي بادشاهت ۾ ڪمزوري ڏسڻ ۾ نه آئي، سندس پٽ سنڌ جو نئون بادشاهه بڻجي ويو. راءِ ساهسي يا سهاسي (ٻيو): راءِ سيهرس جي مارجي وڃڻ کانپوءِ راءِ ساهسي (ٻيو) سنڌ جي تخت جو والي ٿي ويو. هي واقعو 4 هه/626ع ۾ پيش آيو. ساهسي وڏن جي بادشاهت کي زبردست طريقي سان سنڀاليو. مير علي شير قانع موجب وڏن کان وڌيڪ وڻندڙ عادتن جو مالڪ هو، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ بادشاهيءَ جي حدن جو بندوبست ڪري تختگاهه ۾ آرام سان رهڻ لڳو ۽ ڍل جي عيوض رعيت کي ڇهن قلعن اچ، ماٿيلي، سيوراءِ، مؤ، الور ۽ سيوستان جي زمين کي مٽيءَ سان ڀرڻ جو حڪم ڏنائين. (تحفة الڪرام، ص: 10) راءِ ساهسيءَ (ٻئِي) وٽ ’رام‘ نالي سيڪريٽري ۽ ’ٻڌ يمن‘ نالي هڪ وزير هو. هڪ ڏينهن چچ پٽ سيلائج ڪشميري برهمڻ ملازمت لاءِ رام وٽ پهتو. چچ لکڻ پڙهڻ جي فن ۾ نهايت ذهين هو، ان ڪري کيس درٻار ۾ ملازمت ملي وئي. بعد ۾ چچ، رام ۽ ٻڌ يمن کان به اڳتي نڪري ويو. سرڪاري ڪم ڪار سان چچ حويليءَ ۾ اچڻ وڃڻ لڳو. روايت آهي ته آخرڪار راڻي سوهندي (سونهن ديوي) چچ تي عاشق ٿي پئي، راڻيءَ کي راءِ ساهسيءَ مان ڪوبه اولاد نه هو، ان پس منظر ۾ به نوجوان ۽ خوبصورت چچ سان سندس محبت لازم ۽ فطري عمل هو. نيٺ راءَ ساهسي (ٻيو) پنهنجو دور پورو ڪري فوت ٿي ويو. چچ ۽ سوهنديءَ وڏي هوشياريءَ ۽ نهايت ذهانت سان پاڻ ۾ شادي ڪري ڇڏي. بعد ۾ سلطنت سنڌ ۾ بغاوتون پکڙيون، پر چچ ۽ سُوهنديءَ ڄمي مقابلو ڪري، انهن کي ختم ڪري ڇڏيو. ان ريت سنڌ ۾ راءِ خاندان جي جاءِ تي راجا چچ سنڌ ملڪ جو نئون بادشاهه بڻيو ۽ برهمڻ راڄ جو دور شروع ٿيو. نئين تحقيق موجب 32هه/652ع ۾ هي واقعو پيش آيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو