
رائتو
رائتو (چٽڻي): رائتو ڌونئري، اڇي جيري، ڪارن مرچن، ساون مرچن، ڦودني ۽ ساون ڌاڻن سان ٺهندو آهي. هن کي خاص طور برياني، پلاءَ وغيرہ سان استعمال ڪبو آهي، پر ان کانسواءِ ڀاڄي ۽ مانيءَ سان بہ مهمانن جي اڳيان پيش ڪبو آهي. رائتو خاص طور دستر خوان جو شان سمجهيو ويندو آهي. رائتي کي بصر، ٽماٽا، وجهي بہ ٺاهبو آهي تہ لوڻ، ڪارا مرچ، اڇو جيرو وجهي بہ ٺاهبو آهي، جڏهن تہ واڱڻ بہ رائتي ۾ وجهبا آهن، جنهن کي ’واڱڻن جو رائتو‘ چئبو آهي، جنهن مٿان گيھہ جو داغ ڏنو ويندو آهي. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب رائتو، گيھہ جو داغ ڏئي ٺاهيل ڪڙهيءَ کي چئبو آهي.