رائل نيوي بغاوت

رائل نيوي بغاوت: رائل نيوي، انگريز حڪومت ۾ سامونڊي فوج هئي. هن فوج ۾ آفيسر طبقو گهڻو تڻو انگريز هوندا هئا، جڏهن تہ مقامي هندستانين ۽ سنڌين جو بہ هن فوج ۾ خاصو تعداد ڀرتي ٿيل هو. انگريزن خلاف جيئن ’هندستان خالي ڪريو‘ تحريڪ شروع ٿي تہ ان وقت سياسي تحريڪن تہ هيڪاري زور ورتو ئي، پر انگريز فوج ۾ اڪثر هنڌن تي مقامي سپاهين بغاوتون ڪرڻ شروع ڪيون. رائل نيوي بغاوت پڻ اهڙي ئي قسم جو وطن جي حفاظت لاءِ هڪ اهم احتجاج هو. رائل نيويءَ جي ڪراچيءَ ۾ مقرر سپاهين 11 فبروري 1946ع تي پنھنجي ساٿي ڪئپٽن عبدالرشيد جي سزا خلاف احتجاج ڪيو، جنهن کي هندستان جي آزادي پسندن جي مدد ڪرڻ عيوض سزا ڏني وئي هئي. ان سزا خلاف ڪلڪتي بندرگاھہ تي انگريزن جي فوج ۾ ڀرتي ٿيل هندستاني فوجين پنھنجي ماڻهن جو ساٿ ڏئي ڀرپور هڙتال ڪرائي هئي. ان کان پوءِ احتجاج جو اثر مدراس ۽ بمبئيءَ سميت ڪراچيءَ (سنڌ) تائين رسيو، جنهن ۾ مقامي نيويءَ جي سپاهين بہ هڙتال ۾ حصو ورتو.
عبدالرشيد پهرين انگريز فوج جو عملدار هو، جنهن آزاديءَ جي هلچل جي مک انقلابي ڪردار سڀاش چندر بوس جي ’آزاد هند فوج‘ ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ وطن جي سلامتيءَ لاءِ پاڻ تي جوکم کنيو هو. ڪجهہ ئي عرصي ۾ هيءُ انگريز فوج وٽ قيد ٿي ويو. بغاوت ڪرڻ تان کيس سخت سزائون ڏنيون ويون، جنهن خلاف ڀرپور سياسي هلچل هلي. ان هلچل جو ساٿ ڏيندي، 11 فبروري 1946ع تي ڪلڪتي واري رائل نيويءَ بغاوت جي زير اثر 22 فبروري 1946ع تي ڪراچيءَ ۾ فوجين بندرگاھہ تي بيٺل ’هندستان‘ جھاز تي پهرين قبضو ڪيو. انگريز فوجين ۽ مقامي هندستاني فوجين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي. ان هڻ وٺ ۾ ڪيترائي فوجي مارجي ويا ۽ زخمي ٿيا. هندستاني سپاهين جي اهڙي جرئتمنداڻي قدم ۽ انگريز جي سفاڪاڻي ڪارروائيءَ جي خبر جيئن ئي شھر ۾ پهتي تہ شھر ۾ هنگاما شروع ٿي ويا. مظاهرين تي پڻ فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترائي شھري زخمي ٿيا. بندرگاھہ ڏانهن ويندڙ رستا بند ڪري فوجي پهري کي وڌايو ويو. پوري ڏينهن جي ڪشمڪش کانپوءِ انگريز فوجي بندرگاھہ جو ڪنٽرول سنڀالڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مقامي فوجين پوءِ بہ هڙتال جاري رکي. هن بغاوت جي نتيجي ۾ ڪراچي شھر مسلسل ٽي ڏينهن هنگامن جي زد ۾ رهيو. شھر ۾ سياسي جماعتن رائل نيوي بغاوت جي حق ۾ ۽ مقامي سپاهين جي شهادتن خلاف آواز بلند ڪيو. خاص طور ڪراچيءَ جي ڪميونسٽ پارٽي ان دوران متحرڪ رهي. ان دوران مقامي سپاهين کي ڪافي تڪليفن جو منهن ڏسڻو پيو.
هن بغاوت انگريز راڄ کي وڌيڪ غير مستحڪم ڪيو. نيٺ هندستان جي مک سياسي اڳواڻن جي اپيل تي هندستاني سپاهين احتجاج ختم ڪيو. هيءَ بغاوت پنھنجي نوع جي، انگريز راڄ ۾ اهم فوجي بغاوت هئي.
رائل نيويءَ جي ڪراچيءَ واري بغاوت ۾، سنڌ جي ناليواري اديب ۽ دانشور علي احمد بروهيءَ بہ حصو ورتو هو، جيڪو سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب آهي.


لفظ رائل نيوي بغاوتھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو