
رائن درياهه
رائن درياھہ (Rhine River): هي درياھہ يورپ جي مرڪزي ۽ اهم درياهن مان اوڀر سوئٽزرلينڊ مان نڪري اوڀارين ۽ اترئين پاسي وهندو آسٽريليا، فرانس، جرمني ۽ نيڌرلينڊس مان گذرندو اترئين سمنڊ ۾ داخل ٿئي ٿو. هن درياھہ جي ڪل ڊيگهہ 1300 ڪلوميٽرن کان وڌيڪ آهي ۽ هي 2,20,000 چورس ڪلوميٽرن کان وڌيڪ ايراضي سيراب ڪري ٿو. واپار جي سامان ۽ مسافرن جي اچ وڃ جي ڪري رائن درياھہ دنيا جي اهم ترين واپاري درياهي گذرگاهن مان هڪ آهي. هن درياھہ رومن دؤر کان وٺي هاڻوڪي دؤر تائين يورپ جي تاريخ، ثقافت ۽ معيشت تي گهرا اثر ڇڏيا آهن.