رائو (ذات): ايس. ايم. چنا جي لکڻ موجب رائو ڪا الڳ ذات ڪانہ آهي، پر ڀُٽن جو خطاب آهي. اهي هندستان جي ٿانا ۽ مرادآباد ضلعن جا رهاڪو آهن. ورهاڱي کانپوءِ انهن مان ڪجهہ پاڪستان جي پنجاب صوبي ۾ اچي آباد ٿيا. رائو برهمڻن جو پاڙو بہ آهي، جن مان ڪي جين مذهب رکن ٿا. پاريکن جو پاڙو بہ رائو آهي، جيڪي هندستان ۾ کتري سڏجن ٿا. رائو لفظ راءِ جي بگڙيل صورت آهي، جنهن جي معنيٰ آهي راجا. انهن ۾ آيا ۽ آنا خطاب وارا رائو وڌيڪ معتبر سڏيا وڃن ٿا.