رائو شيرالزمان: رائو شيرالزمان، صوبي اتر پرديش جي شھر ميرٺ ۾، 9 مئي 1932ع تي نواب محمد شريف خان زميندار جي گهر پيدا ٿيو. ضلعي ميرٺ کي برصغير جي تاريخ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي. رائو شيرالزمان جو والد مسلم ليگ سان وابستہ هو. تنهنڪري هن شاگرديءَ جي زماني کان مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي پليٽفارم تان پنھنجي سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ سندس خاندان پاڪستان پهتو ۽ ضلعي نوابشاھہ ۾ اچي رهائش پذير ٿيو، جتي هن راجپوت خاندان مان شادي ڪئي. رائو شيرالزمان سياسي زندگيءَ جو آغاز ڪندي، پهريون ڀيرو ميونسپل ڪميٽي نوابشاھہ جو وائس چيئرمئن چونڊيو ويو ۽ ان دوران ڪيترا عوامي ڀلائيءَ جا ڪم ڪيائين، جن ۾ خوبصورت پارڪ، عبدالحق لائبرري، پارڪ، فيملي ڪوارٽر، مرڪزي لائبرري، گهنٽا گهر، ميونسپل هاءِ اسڪول، ايئرپورٽ جي تعمير قابلِ ذڪر آهن. رائو شيرالزمان 1980ع جي بلدياتي اليڪشن ۾ نوابشاھہ جو چيئرمئن مقرر ٿيو. پوءِ ساڳئي عهدي تي ٽي دفعا بلديہ نوابشاھہ جو سربراھہ چونڊيو، جنهن ۾ عوامي ڀلائيءَ جا ڪيترائي ڪم ڪيائين، جن ۾ مرڪزي روڊ جي تعمير، واٽر سپلاءِ ڊرينج فيز-2 لاءِ فنڊن جو حصول ۽ نئين سبزي منڊيءَ جو قيام شامل آهن.
رائو شيرالزمان ’سنڌ مشاورتي ڪائونسل‘ جو ميمبر بہ رهيو ۽ 1970ع جي اليڪشن ۾ بہ حصو ورتائين، پر چونڊجي نہ سگهيو. رائو شيرالزمان جي طويل سياسي دؤر ۾ غلام مصطفيٰ جتوئي، حاڪم علي خان زرداري، سيد نذر حسين شاھہ، رسول شاھہ'>سيد غلام رسول شاھہ، غلام نبي ڏهراج، غلام قادر ڏاهري ۽ خان چانڊيو'>پنھل خان چانڊيو سندس دوست رهيا.
هن 26 جون 1998ع تي وفات ڪئي. رائو شيرالزمان پنھنجي پويان 5 پٽ سوڳوار ڇڏيا، جن مان شمشيرالزمان پنھنجي والد جي سياسي وارثت کي سنڀاليندو اچي ٿو، جنهن جي هينئر سياسي وابستگي مسلم ليگ (ن) سان آهي ۽ پاڻ ضلع خدمت ڪميٽيءَ جو سرگرم ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.
1932.05.09 عيسوي
رائو شيرالزمان، صوبي اتر پرديش جي شهر ميرٺ ۾، 9 مئي 1932ع تي نواب محمد شريف خان زميندار جي گھر پيدا ٿيو.
1998.06.26 عيسوي
هن 26 جون 1998ع تي وفات ڪئي.