رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن

رائيس ايڪسپورٽ ڪارپوريشن: پاڪستان جي چانورن برآمد ڪرڻ واري هڪ ڪمپني، جيڪا سرڪاري طور 22 آگسٽ 1974ع ۾ هڪ پرائيوٽ لميٽڊ ڪمپنيءَ طور قائم ڪئي وئي. چانورن جي برآمد بابت سمورن شعبن جي بهتر ڪارڪردگي هن ڪارپوريشن جي فرضن ۾ شامل آهي. مثلاً چانورن جو حصول، صفائي، ذخيرو، پيڪنگ ۽ وڪرو وغيرہ. هن ڪمپني تي انتظامي ڪنٽرول وزارت تجارت کي حاصل آهي. هن ڪمپنيءَ جي انتظاميہ ۾ هڪ چيئرمئن ۽ چار ڊائريڪٽر شامل آهن، جن کي حڪومت مقرر ڪندي آهي. جنرل مشرف جي دؤر ۾ هن ڪمپنيءَ کي خانگايو ويو، ان جا شيئر وڪرو ڪيا ويا ۽ ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي زوريءَ گولڊن شيڪ هينڊ ڏئي جبري طور رٽائر ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو