
رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال

رائيس ڪئنال
رائيس ڪئنال: رائيس ڪئنال سکر بئراج کان ساڄي طرف سنڌو نديءَ مان سکر شھر کان نڪري ٿو. رائيس ڪئنال جي ڊيگهہ 81 ميل آهي. ريماڊلنگ ٿيڻ کانپوءِ هاڻي ان مان 22549 ڪيوسڪ پاڻي نيڪال ٿئي ٿو. رائيس ڪئنال صرف خريف جي موسم ۾ وهندو آهي، يعني مئي مهيني کان آڪٽوبر مهيني تائين Non-Perenial Canal آهي. رائيس ڪئنال سنڌو درياھہ سکر مان نڪري رڪ-مديجي، نئين ديري، ماهوٽا، لاڙڪاڻي، باڊھہ، راڌڻ وليج کان اچي دادو ضلعي ۾ ختم ٿئي ٿو. رائيس ڪئنال تي ڪجهہ ڪراس ريگيوليٽر آهن، جتان هن مان ڪجهہ واھہ نڪرن ٿا، جن ۾: (1) آر. ڊي-83 رڪ ڪامپليڪس، (2) نئون ديرو ڪـراس ريگيوليٽر آر. ڊي -190.34، (3) ماهوٽا ڪراس ريگيوليٽر آر. ڊي-235، (4) لاهوري ڪراس ريگيوليٽر لاڙڪاڻو آر.ڊي-255، (5) ارٿر ڪراس ريگيوليٽر گهريلو آر.ڊي-310، (6) موندر ڪراس ريگيوليٽر موئن جو دڙو ريلوي اسٽيشن آر.ڊي-340، (7) ڌامراھہ ڪراس ريگيوليٽر باڊھہ آر.ڊي-372، (8) رائيس ٽيل ڪراس ريگيوليٽر راڌڻ وليج ضلع دادو.
آر. ڊي-83 رڪ ڪامپليڪس کان رائيس ڪئنال مان ساڄي طرف واھہ نڪري ٿو، جيڪو هن ڪئنال مان صرف خريف جي موسم ۾ وهندو آهي. وارھہ واھہ ربيع جي موسم ۾ نارٿ ويسٽرن ڪئنال مان وهندو آهي، يعني وارھہ بئراج ٻنهي ڪئنالن مان وهندو آهي. رائيس ڪئنال تي خريف جو فصل 88 سيڪڙو ٿيندو آهي.
1. مير واھہ: مير واھہ رائيس ڪئنال مان آر. ڊي-190.34 ڪراس ريگيوليٽر کان ساڄي طرف نڪري ٿو. مير واھہ جي ڊيگهہ 11.2 ميل ڊسچارج 343 ڪيوسڪس آهي. هن واھہ تي 19889 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، مير واھہ مان 75 واھہ نڪرن ٿا، جڏهن تہ سعدو شاخ پڻ هن واھہ مان آر.ڊي-2 کاٻي طرف نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهہ 10 ميل ڊسچارج 54.5 ڪيوسڪس آهي. سعدو شاخ تي 7027 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، هن مان 45 واھہ نڪرن ٿا.
2. هيرا واھہ: هيرا واھہ رائيس ڪئنال مان آر.ڊي-226 ساڄي طرف کان نڪري ٿو. هن واھہ جي ڊيگهہ 7 ميل ڊسچارج 157.2 ڪيوسڪس آهي. هيرا واھہ تي 7162 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، هن مان 41 واھہ نڪرن ٿا. هن واھہ مان ڪنگا مائينر آر. ڊي-30 کاٻي طرف کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهہ 1.5 ميل ڊسچارج 21 ڪيوسڪس آهي. ڪنگا مائينر مان 7 واھہ نڪرن ٿا.
3. شاھہ همير شاخ: شاھہ همير شاخ رائيس ڪئنال مان ڪراس ريگيوليٽر آر.ڊي-235 کان ساڄي طرف نڪري ٿو. هن واھہ جي ڊيگهہ 15.5 ميل ڊسچارج 423 ڪيوسڪس آهي. هن واھہ تي 13921 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. شاھہ همير واھہ مان 93 ننڍا واھہ نڪرن ٿا.
ان کان سواءِ هن شاخ مان مختلف مائينرون پڻ نڪرن ٿيون:
(1) فتح پور مائينر آر. ڊي-6 وغيرہ. هن شاخ جي ڊيگهہ 1.24 ميل، ڊسچارج 22.2 ڪيوسڪس آهي. فتح پور مائينر تي 1168 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 6 واھہ نڪرن ٿا.
(2) ڇٽو مائينر آر.ڊي-37، شاھہ همير شاخ جي ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهہ 4 ميل، ڊسچارج 65.6 ڪيوسڪس آهي، ڇٽو مائينر تي 2976 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 26 واھہ نڪرن ٿا.
(3) چانڊيا مائينر آر.ڊي-57 شاھہ همير شاخ جي کاٻي طرف کان نڪري ٿي، چانڊيا مائينر جي ڊيگهہ 4.33 ميل، ڊسچارج 57 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 3392 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. چانڊيا مائينر مان 20 واھہ نڪرن ٿا.
دودائي مائينر: دودائي مائينر رائيس ڪئنال مان آر. ڊي-244 ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهہ 2.24 ميل، ڊسچارج 31.6 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 1580 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. دودائي شاخ مان 12 واھہ نڪرن ٿا.
وليد مائينر: وليد مائينر رائيس ڪئنال مان آر.ڊي-254 ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهہ 1.36 ميل، ڊسچارج 9.2 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 564 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. وليد مائينر تي 7 واھہ آهن. (هن وقت هي مائينر بند آهي).
گهاڙ واھہ: گهاڙ واھہ رائيس ڪئنال مان لاڙڪاڻي شھر کان آر.ڊي-255 لاهوري ڪراس ريگيوليٽر وٽان نڪري ٿو. گهاڙ واھہ جي ڊيگهہ 23 ميل، ڊسچارج 3283 ڪيوسڪس آهي. هن واھہ تي 26772 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. گهاڙ واھہ مان 110 واھہ نڪرن ٿا. هن ڪراس ريگيوليٽر کان پوءِ گهاڙ واھہ پراڻي گهاڙ واھہ مان وهي ٿو. گهاڙ واھہ مان هيٺيون شاخون پڻ نڪرن ٿيون:
(1) گهاڙي مائينر؛ گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-25 کاٻي طرف کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهہ 2.6 ميل آهي. ڊسچارج 24.8 ڪيوسڪس اٿس. هن مائينر تي 1561 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. گهاڙي مائينر مان 13 واھہ نڪرن ٿا.
(2) گهاڙي شاخ گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-31 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهہ 8.0 ميل ڊسچارج 122.6 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 6696 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. گهاڙي شاخ مان 46 واھہ نڪرن ٿا.
(3) ڪور ڏاتو شاخ گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-34 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهہ 11 ميل، ڊسچارج 220.8 ڪيوسڪس آهي. هن تي 13281 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. ڪور ڏاتو برانچ مان 70 واھہ نڪرن ٿا.
(4) دوآبو شاخ گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-71 کان نڪري ٿي. هن شاخ جي ڊيگهہ 3.8 ميل، ڊسچارج 54.87 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 2860 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن شاخ مان 72 واھہ نڪرن ٿا.
(5) نور واھہ، گهاڙ واھہ مان آر. ڊي-51 کان نڪري ٿو. هن واھہ جي ڊيگهہ 12 ميل، ڊسچارج 798.8 ڪيوسڪس آهي. نور واھہ تي 17271 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. نور واھہ مان 74 واھہ نڪرن ٿا. نور واھہ سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي گهاڙ واھہ مان ڪڍرايو هو. نور واھہ مان هيٺيان مائينر ۽ واھہ نڪرن ٿا:
حاصلا مائينر: حاصلا مائينر نور واھہ مان آر.ڊي-10 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهہ 7 ميل، ڊسچارج 116.30 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 6174 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 41 واھہ نڪرن ٿا.
ڪلر مائينر: ڪلر مائينر نور واھہ مان آر.ڊي-24 کان نڪري ٿي. ڪلر مائينر جي ڊيگهہ 6.2 ميل آهي، ڊسچارج 133.30 ڪيوسڪ اٿس. هن مائينر تي 7323 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 43 واھہ نڪرن ٿا.
نور مائينر: نور مائينر نور واھہ مان آر.ڊي-25 کان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهہ 5 ميل، ڊسچارج 77.40 ڪيوسڪس آهي. هن مائينر تي 3991 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 20 واھہ نڪرن ٿا.
ڪنڊو مائينر: ڪنڊو مائينر نور/مائنر مان آر.ڊي-12.0 مان نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهہ 1.6 ميل ڊسچارج 14.40 ڪيوسڪس آهي. هن تي 917 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. ڪنڊو مائينر مان 10 واھہ نڪرن ٿا.
ڦتوهل واھہ: ڦتوهل، نور واھہ مان آر.ڊي-31 کان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهہ 5.4 ميل، ڊسچارج 78.80 ڪيوسڪس آهي. ڦتوهل واھہ تي 4519 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 30 واھہ نڪرن ٿا.
(6) آبڙي مائينر گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-70 ساڄي طرف کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهہ 3.0 ميل، ڊسچارج 43.3 ڪيوسڪ آهي. آبڙي مائينر تي 2370 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي، هن مان 12 واھہ نڪرن ٿا.
(7) راڄ واھہ، گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-73 کان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهہ 3.2 ميل، ڊسچارج 51.3 ڪيوسڪس آهي. راڄ واھہ تي 12985 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 23 واھہ نڪرن ٿا.
(8) ڪور متل مائينر، گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-90 کان ساڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهہ 6.3 ميل، ڊسچارج 92.0 ڪيوسڪس آهي. ڪور متل مائينر تي 5172 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 33 واھہ نڪرن ٿا.
(9) نصير برانچ، گهاڙ واھہ مان آر.ڊي-93 کان ساڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهہ 12 ميل، ڊسچارج 467 ڪيوسڪ آهي. نصير واھہ تي 12916 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 63 واھہ نڪرن ٿا. هن واھہ کي گٺ واھہ بہ چوندا آهن، جيڪو بئراج کان اڳ پراڻي گهاڙ واھہ مان وهندو هو. هن برانچ مان هيٺيون مائينرون نڪرن ٿيون:
وڳڻ مائينر: وڳڻ مائينر، نصير برانچ مان آر.ڊي-13 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. وڳڻ مائينر جي ڊيگهہ 3.6 ميل، ڊسچارج 98.2 ڪيوسڪس آهي. هن شاخ تي 5421 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن شاخ مان 24 واھہ نڪرن ٿا.
آچا مائينر: آچا مائينر، نصير واھہ مان آر.ڊي-29 مان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهہ 3.6 ميل، ڊسچارج 45.5 ڪيوسڪس آهي. آچا مائينر تي 2424 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 12 واھہ نڪرن ٿا.
ڪور رتو مائينر: ڪور رتو مائينر نصير واھہ مان آر.ڊي-34 کان کاٻي طرف نڪري ٿي. هن مائينر جي ڊيگهہ 2.7 ميل، ڊسچارج 49.7 ڪيوسڪس آهي. ڪور رتو مائينر تي 1506 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 10 واھہ نڪرن ٿا. هن مائينر مان وڌيڪ هڪ ٻيو سردار مائينر آر.ڊي-5 نڪري ٿو. سردار مائينر جي ڊيگهہ 2.74 ميل، ڊسچارج 29.92 ڪيوسڪس آهي. سردار مائينر تي 1889 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 16 واھہ نڪرن ٿا.
ڪمبائينڊ چيلو شاخ، گهاڙ واھہ جي پڇڙي آر.ڊي-118 کان نڪري ٿي. هن جي ڊيگهہ 1.2 ميل، ڊسچارج 360 ڪيوسڪس آهي. هن تي 393 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 6 واھہ نڪرن ٿا.
چيلو شاخ گهاڙ واھہ مان پڇڙيءَ کان آر.ڊي-118 وٽان نڪري ٿو. هن جي ڊيگهہ 7 ميل، ڊسچارج 170 ڪيوسڪس آهي. هن تي 6048 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 31 واھہ نڪرن ٿا.
ڪور هاشم: ڪور هاشم شاخ ڪمبائينڊ چيلي واھہ مان آر.ڊي-6 کان ساڄي طرف نڪري ٿي. هن جي ڊيگهہ 8 ميل، ڊسچارج 172 ڪيوسڪس آهي. هن تي 3808 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 41 واھہ نڪرن ٿا. ان کان سواءِ هن شاخ مان لنڊي مائينر آر.ڊي-31 نڪري ٿي. جنهن جي ڊيگهہ 5.5 ميل، ڊسچارج 52.4 ڪيوسڪس آهي. هن تي 4782 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. لنڊي مائينر مان 32 واھہ نڪرن ٿا.
ميرواھہ ڪمبائينڊ چيلر واھہ مان آر.ڊي-6 کان ساڄي طرف نڪري ٿو. مير واھہ جي ڊيگهہ 12 ميل، ڊسچارج 81.16 ڪيوسڪس آهي. ميرواھہ تي 8919 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 80 واھہ نڪرن ٿا.
سنهڙو چيلو واھہ: سنهڙو چيلو، واھہ چيلي مان آر.ڊي-35 کان نڪري ٿو. هن واھہ جي ڊيگهہ 7.26 ميل، ڊسچارج 72 ڪيوسڪس آهي. هن واھہ تي 4187 ايڪڙ زمين آباد ٿيندي آهي. هن مان 26 واھہ نڪرن ٿا.