رائيونڊ

رائيونڊ

رائيونڊ

رائيونڊ: لاهور ضلعي جو شهر، رائيونڊ تبليغي جماعت جو مرڪز هجڻ سبب عالمي شھرت حاصل ڪري چڪو آهي. هي لاهور کان 24 ميل جي پنڌ تي آهي. هتي ريلوي اسٽيشن بہ آهي. رلياني، ٺوڪر نياز بيگ، قصور ۽ مانگا منڊيءَ کان پڪا روڊ هتي اچي ملن ٿا. هتي زراعت جي مختلف قسمن جي وڏي منڊي آهي، هن جي آس پاس ڪپھہ ۽ ڪڻڪ جي پوک ٿيندي آهي، هتي تبليغي جماعت جو سڀ کان پهريون اجتماع 1949ع ۾ ٿيو، جنهن ۾ تمام گهٽ ماڻهن شرڪت ڪئي، پر وقت سان گڏ ان جي تعداد ۾ اضافو ٿيندو ويو. هاڻي اهو ساليانو ٻيو وڏو اجتماع شمار ٿيندو آهي. 16 آڪٽوبر 1978ع ۾ هتي جمعيت العلماءِ پاڪستان جي انتظام هيٺ منعقد ٿيل ’آل پاڪستان سني ڪانفرنس‘ جي شرڪت ڪندڙن هڪ قرارداد ذريعي هن شھر جو نالو ’مصطفيٰ آباد‘ رکڻ جو مطالبو ڪيو هو. هتي ريلوي جو وڏو ورڪشاپ آهي، جنهن ۾ ٻہ هزار ماڻهو ڪم ڪندا آهن، عيسائين جو هڪ گرجا گهر، شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ هاءِ اسڪول، اسپتال، ٿاڻو، ٽپال گهر ۽ ٽائون ڪميٽيءَ جي آفيس بہ موجود آهن. هتي جي موجودہ آبادي تقريباً 25 هزار آهي، هتي نواز شريف پنهنجو فارم هائوس ۽ محل بہ تعمير ڪرايا آهن.


لفظ رائيونڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو