رائڌڻ منڌرو: لاڙ جي منڌرن تاجن منڌري جي موت کانپوءِ سندن سردار راڌڻ منڌري کي پنهنجو سردار چونڊيو هو. ڀائرن ۾ نااتفاقي ڏسي، راڌڻ منڌري بہ سرڪشي ڪئي. ميان غلام شاھہ ڪلهوڙي مٿس حملو ڪيو. بدين کان اٺ ميل ڏکڻ اوڀر طرف راڌڻ منڌري جو ڪوٽ هو، جيڪو ميان غلام شاھہ تباھہ ڪرائي ڇڏيو. راڌڻ منڌري جي ڪوٽ جا آثار، بدين کان ٻارهن ميل پري اڃا بہ موجود آهن. ڪوٽ جي دڙي کي ’مالهين جو دڙو‘ چوندا آهن.