
رابرٽ ايڇ گوڊارڊ
رابرٽ ايڇ. گوڊارڊ (Robert H. Goddard): مشھور سائنسي ماهر، رياضيدان ۽ راڪيٽ جي موجد رابرٽ هوچنگ گوڊارڊ جو جنم 5 آڪٽوبر 1882ع تي آمريڪي شھر ورسٽر، ميساچوسٽس (Worcester Massachusetts) ۾ ٿيو. هي ناهم ڊينفورڊ گوڊارڊ (Nahum Danford Goddard) ۽ فيني لوئس هوئٽ (Fannie Louise Hoyt) جو اڪيلو پٽ هو. کيس ننڍپڻ کان وٺي سائنس سان گهڻي دلچسپي هئي. هن پنھنجي ابتدائي تعليم جو آغاز سوفومور سائوٿ هاءِ اسڪول مان ڪيو، پر ننڍپڻ جي بيمارين ۽ ڪمزور صحت جي ڪري باقاعدگيءَ سان اسڪول ۾ پڙهي نہ سگهيو ۽ ٻہ سال ناپاس ٿيو. آخر 1901ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ بعد بيچلر ان سائنس (B.Sc) جي ڊگري فزڪس جي شعبي ۾ وورسٽر پولي ٽيڪنڪ ڪاليج مان 1908ع ۾ ڪيائين. بعد ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ هڪ سال تائين فزڪس جي شعبي جو انسٽرڪٽر ٿي رهيو. 1909ع ڌاري وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ڪلارڪ يونيورسٽي، وورسٽر ۾ داخلا ورتائين ۽ 1910ع ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪرڻ بعد ڪلارڪ يونيورسٽيءَ مان 1911ع ۾ ڊاڪٽريءَ جي سند حاصل ڪيائين. 1912ع ڌاري ساڳي يونيورسٽيءَ جي فزڪس شعبي جو اعزازي فيلو ٿي رهيو. بعد ۾ هن پرنسٽن يونيورسٽيءَ (Princeton University) جي پلئمرس فزيڪل ليبارٽريءَ (Plamer’s Physical Laboratory) ۾ ريسرچ فيلوشپ جي آڇ قبول ڪئي.
هن جي پهرين لکڻي 2 فيبروري 1909ع تي شايع ٿي، جنهن ۾ هن ٺوس ٻارڻ جي بجاءِ پاڻيٺ ٻارڻ جي استعمال ۽ طريقي بابت تفصيلي معلومات فراهم ڪئي. هن هائيڊروجن ۽ آڪسيجن جي پاڻياٺي صورت کي Oxidizer طور استعمال ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو. سندس خيال هو تہ راڪيٽ جي اڏام لاءِ 50 سيڪڙو قوت ان قسم جي پاڻياٺي ٻارڻ مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
خـلائـي سـفـر سان سـندس دلچسپـيءَ جو ڪـارڻ ايڇ. جي. ويلز (H. G. Well’s) جو سائنسي افسانوي ناول ‘The War of the Worlds’ هو، جيڪو هن 16 سالن جي عمر ۾ پڙهيو هو. 1899ع ڌاري هن خلائي سفر لاءِ هڪ خاص گاڏيءَ جي ايجاد جو عھد ڪيو. 1919ع ۾ هن هڪ تحقيقي مقالو A Method of Reaching Extreme Attitudes لکيو، جيڪو راڪيٽ سائنس جي حوالي سان ويهين صديءَ جو بھترين مقالو سمجهيو وڃي ٿو. راڪيٽ جي عملي ڪم ۽ ابتدائي تياريءَ ۾ سمٿ سونين انسٽيٽيوٽ، نيشنل جاگرافڪ سوسائٽي ۽ دي ايرو ڪلب آف آمريڪا، گوڊارڊ جي مالي سهائتا ڪئي.
هن سيپٽمبر 1921ع ڌاري پاڻياٺي آڪسيجن ۽ پاڻياٺي ٻارڻ تي هلندڙ راڪيٽ تي تجربن جو آغاز ڪيو ۽ آخرڪار نومبر 1923ع ۾ پاڻياٺي آڪسيجن ۽ گيسولين جي گڏيل محلول سان ڪامياب تجربو ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو. راڪيٽ جي تياريءَ ۾ هن انجڻ کي طاقت (Force) فراهم ڪرڻ لاءِ سلينڊريڪل ڪميشن چئمبر (Cylindrical Combustion Chamber) طور هڪ خانو تيار ڪيو، جنهن ۾ آڪسيجن ۽ گيسولين جي چڱي خاصي مقدار کي ٻارڻ طور استعمال ڪيو. ان ٻارڻ جي نتيجي ۾ ڪميشن چئمبر اندر انتهائي گرم گئسون پيدا ٿيون، جن جي نوزلن (راڪيٽ جي پڇاڙيءَ) مان خارج ٿيڻ سبب راڪيٽ کي مخالف رُخ ڏانهن ڌِڪڻ لاءِ قوت (Force) فراهم ٿي.
هن ڪامياب تجربي کانپوءِ گوڊارڊ پنھنجي ايجاد ۾ وڌيڪ بهتري پيدا ڪرڻ لاءِ وسيع پيماني تي ڪم ڪندو رهيو ۽ راڪيٽ جي بناوٽ ۽ ڪارڪردگيءَ کي مؤثر بنائڻ لاءِ ڪجهہ ترميمون پڻ ڪيائين. سيپٽمبر 1931ع ڌاري، هن راڪيٽ لاءِ گائرو اسڪوپڪ ڪنٽرول سسٽم (Gyroscopic Control System) تيار ڪيو، 1936ع کان 1939ع تائين K ۽ L سيريز جا راڪيٽ تيار ڪري انتهائي بلنديءَ تائين رسائڻ جا تجربا ڪيائين.
پهرين ۽ ٻيءَ مهاڀاري جنگين دوران هن فوجي قيادت کي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ ان ڏس ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏنائين. پنهنجيءَ زندگيءَ جي آخري سالن ۾ آمريڪن راڪيٽ سوسائٽيءَ جو سربراھہ ٿيو ۽ ايرو اسپيس انڊسٽريءَ جي قيام لاءِ ڪوششون ورتائين. هن سائنسي ماهر جي وفات نڙيءَ جي ڪينسر سبب 10 آگسٽ 1945ع ۾ ٿي. سندس آخري آرامگاھہ هوپ سيميٽري، وورسٽر، ميساچوسٽس ۾ آهي.
سندس وفات کانپوءِ کيس ڪيترن ئي اعزازن سان نوازيو ويو.
1959ع ۾ آمريڪي ڪانگريس کيس سونو ٻلو ڏنو، جڏهن تہ 1960ع ۾ سمٿ سونين اداري طرفان کيس ٻيو سونو ٻلو عطا ڪيو ويو. سندس استعمال ڪيل ڪتابن کي ڪلارڪ يونيورسٽيءَ ۾ سندس نالي سان لائبرري قائم ڪري حفاظت سان رکي ان جي نمائش ڪئي وئي، جڏهن تہ سندس ٺاهيل پهرئين راڪيٽ جو ڍانچو بہ اتي نصب ڪيو ويو. بعد ۾ سندس رهائشگاھہ کي اسڪول ۾ تبديل ڪري، اتي ٽيڪنالاجيءَ جو ايليمينٽري اسڪول قائم ڪيو ويو.
1882.10.05 عيسوي
مشهور سائنسي ماهر، رياضيدان ۽ راڪيٽ جي موجد رابرٽ هوچنگ گوڊارڊ جو جنم 5 آڪٽوبر 1882ع تي آمريڪي شهر ورسٽر، ميساچوسٽس (Worcester Massachusetts) ۾ ٿيو.
1909.02.02 عيسوي
هن جي پهرين لکڻي 2 فيبروري 1909ع تي شايع ٿي، جنهن ۾ هن ٺوس ٻارڻ جي بجاءِ پاڻيٺ ٻارڻ جي استعمال ۽ طريقي بابت تفصيلي معلومات فراهم ڪئي. هن هائيڊروجن ۽ آڪسيجن جي پاڻياٺي صورت کي Oxidizer طور استعمال ڪرڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو. سندس خيال هو ته راڪيٽ جي اڏام لاءِ 50 سيڪڙو قوت ان قسم جي پاڻياٺي ٻارڻ مان حاصل ڪري سگهجي ٿي.
1945.08.10 عيسوي
هن سائنسي ماهر جي وفات نڙيءَ جي ڪينسر سبب 10 آگسٽ 1945ع ۾ ٿي. سندس آخري آرامگاهه هوپ سيميٽري، وورسٽر، ميساچوسٽس ۾ آهي.