رابرٽ ليچ (Robert Leech): رابرٽ ليچ انگريز عملدار هو ۽ ڪافي عرصو سنڌ ۾ بہ گذاريائين. هن سنڌ ۽ افغانستان ۾ 1830ع تائين درياهي رستن ۽ سنڌ افغانستان جي وچ تي موجود لڪن جي سروي ڪئي. رابرٽ ليچ تجارتي وفد جي بهاني اصل ۾ سياسي جاچ لاءِ 1836ع کان 1838ع تائين ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ پاران افغانستان ڏانهن موڪليو ويو هو، اتي وڃي هن اليگزينڊر برنس ۽ لارڊ ووڊ جي مدد ڪئي. اليگزينڊر برنس ’ڪابل جي يادگيرين‘ ۾ لکي ٿو ته، ليفٽينينٽ ليچ شروعات ۾ سنڌ جي درياهي رستن ۽ واٽ تي ايندڙ لڪن جي جاچ ڪري ڪافي ڄاڻ هٿ ڪئي. ليچ امير دوست محمد خان سان مذاڪرات ختم ڪرڻ کان پوءِ ساڻس گڏجي قنڌار ۾ آيو ۽ سندس ڀائرن سان ڳالهيون هلايائين ۽ اتان ڪيترن ئي سردارن کي اغوا ڪيائين. ان کانپوءِ قلات ۾ اچي ساڳيا ڪم مير سهراب خان جي درٻار ۾ ڪيائين. هي جڏهن قلات ۾هو، تڏهن پنھنجي يادگيرين بابت هڪ ڪتاب ’تاريخ قلات‘ نالي سان لکيائين.