رابعہ قزداري

رابعہ قزداري: رابعہ قزداري انهن شخصيتن مان آهي، جن فارسي اديبات ۾ نالو ڪڍيو آهي، جيتوڻيڪ سندس ڪلام جو وڏو حصو نہ بچيو آهي. هن کي فارسي ۽ عربي چڱي طرح ايندي هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجن شعرن ۾ ٻنهي ٻولين جا لفظ گڏي سڏي ڪم آندا اٿائين.
رابعہ قزداريءَ جي شھر جو نالو ’قزدار‘ هو ’مجمع الفصحا‘ ۾ لکيو ويو آهي تہ هن جو پيءُ ڪعب هڪ عرب هو. قزدار، قنڌار ۽ سيستان هن جي حوالي هوندا هئا. رابعہ جي ڀاءُ حادث وٽ بڪتاش نالي هڪ خوبصورت ترڪ غلام هوندو هو، جنهن کي رابعہ دل ڏئي ويٺي. ڪنهن وقت بادشاھہ جي مجلس ۾ ايران جي عظيم شاعر رودڪيءَ جي واتان حادث اهو عشق جو واقعو ٻڌو ۽ جھالت يا غيرت سبب ان غلام کي ڪنهن کوھہ ۾ لڙڪائي بند ڪري ڇڏيائين ۽ رابعہ کي گرمابي (پاڻيءَ جي وڏي حمام) ۾ ڦٽو ڪيائين، تہ جيئن هن جون رڳون سڙي وڃن. ان کان سواءِ گرمابي کي ديوار ڏياري کيس قيد ڪري ڇڏيائين. رابعہ پنھنجي رت سان گرمابي جي ديوار تي ترانا لکيا. بڪتاش پنھنجي جان بچائي کوھہ مان بچي نڪتو ۽ گرمابي وٽ پهتو، پر دير ٿي وئي هئي ۽ رابعہ حياتيءَ جي نعمت کان محروم ٿي چڪي هئي. اهو ڏسي بڪتاش ايترو بيخود ٿي ويو، جو حادث کي اڌ رات جو ڳولي لڌائين ۽ هن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين ۽ پنھنجي سيني ۾ خنجر هڻي، پاڻ کي بہ ماري ڇڏيائين.
رضا قلي خان ’مجمع الفصحا‘ ۾ رابعہ ۽ بڪتاش جي محبت جو داستان منظوم ڪيو آهي ۽ ان کي ’گلستان ارم‘ جو نالو ڏنو آهي. هوءَ اصل عربستان جي هئي ۽ سندس وڏا ابو مسلم خراسانيءَ جي زماني ۾ قزدار ۾ اچي رهيا هئا. رابعہ رودڪيءَ جي زماني ۾ رهندي هئي ۽ رودڪيءَ هن جا شعر بخارا جي بادشاھہ کي لکايا هئا. مولانا عبدالرحمان جاميءَ کيس زاهده ۽ صوفي تسليم ڪيو آهي ۽ ابو سعيد ابو الخير لکيو آهي تہ:
”ڪعب جي ڌيءَ غلام تي عاشق هئي، جيتوڻيڪ هن جو عشق، عشق مجازي ڪونه هو.“


لفظ رابعہ قزداريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو