رابيل

رابيل

رابيل

رابيل (Jasminum Sambac): هي خوشبوءِ دار گلن وارو ٻوٽو اصل ڏکڻ ۽ ڏکڻ- اوڀر ايشيا جو آهي. ننڍي قد جو هي ٻوٽو ڏيڍ فوٽ کان 10 فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. هي ٻوٽو گلن جي مخصوص، تيز ۽ وڻندڙ خوشبوءِ سبب باغن ۾ عام پوکيو وڃي ٿو. رابيل جي گلن مان خوشبودار تيل به نڪرندو آهي، جنهن مان عطر عنبير ۽ ٻيون سرهاڻيون ٺاهيون وينديون آهن. رابيل جي خوشبوءِ چانهه ۾ به ملائي ويندي آهي. رابيل، فلپائين جو قومي گل آهي. هي حياتياتي طور Olive خاندان جي Oleaceae ذات سان تعلق رکي ٿو. عام طور هن کي Arabian Jasmine جي نالي سان ڄاتو ۽ سڃاتو وڃي ٿو، پر هن جو هڪ ٻيو نسل به آهي، جيڪو عربستان جي صحرائن ۾ ڦُٽي ٿو. اهو هن کان ڪجهه مختلف آهي. هي ٻوٽو صرف گهميل آبهوا ۾ ڦُٽندو آهي. هن خاندان جا ٻيا به نوَ قسم آهن. رابيل کي ڪيترن هنڌن تي ’سمبڪ‘ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهو لفظ اصل ۾ زنبق آهي، جيڪو بگڙي سنبڪ ٿيو آهي. اڄڪلهه مختلف زبانن ۾ هن ٻوٽي کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو. جهڙوڪ: بنگاليءَ ۾ بيلي (Beli)، گجراتي، هندي ۽ مراٺيءَ ۾ مگرو، فارسيءَ ۾ ياسمين، پنجابي ۽ سنڌيءَ ۾ موتيو، عربي ۽ ترڪيءَ ۾ فل وغيره. هن ٻوٽي جا پن گول ٿيندا آهن، جيڪي 4 س. م کان 12.5 س. م جا ٿين ٿا. پن لسا ٿين ٿا. پاڙ وٽ ننڍا ننڍا تاندورا نظر ايندا آهن. هن ٻوٽي ۾ سڄو سال گل ٽڙندا آهن، جيڪي هڪ مُچي ۾ ٽن کان ٻارهن تائين ٿي سگهن ٿا. گل صفا سفيد هوندا آهن. مکڙي سنهي باداميءَ جهڙي، ٽڙڻ مهل ان ۾ پنکڙين جون ٽن کان پنج قطارون ٿين ٿيون. گل جي خوشبوءِ تيز، پکڙجندڙ، ۽ فرحت بخشيندڙ ٿيندي آهي. رابيل جا سفيد گل گهڻو ڪري صبح جو سويل ٽڙندا آهن ۽ شام جو ڪومائجي ويندا آهن. ڪومائجڻ وقت گلن جو رنگ هلڪو ناسي هوندو آهي. ڪن رابيل جي نسلن ۾ رات جو به گل ٽڙي بيهندا آهن. رابيل جا گل 12 کان 20 ڪلاڪ تازا رهي سگهن ٿا. رابيل، سونهن لاءِ باغن ۾ ۽ وڪري ۽ خوشبوءِ ڪڍڻ لاءِ ٻنين ۾ پوکجي ٿو. سنڌ ۾ هي ٻوٽو مٽياري ۽ ڀٽ شاهه جي آسپاس تمام گهڻو پوکجي ٿو.


لفظ رابيلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو