راج (Raj): هندوستان جي ڪيترين مقامي ٻولين ۾ راج جو لفظ رازي لاءِ استعمال ٿئي ٿو. گهڻو ڪري جايون ٺاهيندڙ رازا پنھنجي وڏي اوستي کي ’راج‘ ڪري سڏين ٿا. هي خطاب آهي نہ ڪي ذات، سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ وڏن رازن کي راج سڏيو ويندو هو. هي گهڻو ڪري مسلمان ٿين ٿا. سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، دهلي، گڙگائون ۽ هندستان جي ٻين حصن ۾ هي خطاب اڃا بہ مروج آهي. پنجاب ۾ بہ اهي ماڻهو جيڪي سرون وجهن، بٺا پچائين ۽ رازڪو ڌنڌو ڪن ۽ پنھنجي ڪم ۾ مهارت رکن ٿا، تن کي راج جو لقب ڏين ٿا.