راجا توڏر مل : اڪبر بادشاھہ جي نون (9) رتنن مان هڪ رتن راجا توڏر مل بہ هو، جيڪو ذات جو کتري هو، سندس اصل وطن بابت ڪنهن بہ تاريخ دان ثابتيءَ سان ڪو نہ لکيو آهي. ڪن جو خيال آهي تہ هو لاهور جو هو، مگر ايشياٽڪ سوسائٽي وارن سندس وطن اوڌ جو تعلقو لاهرپور قرار ڏنو آهي. سندس تعلق غريب گهراڻي سان هو، پر سندس ماءُ جي دعائن رنگ لاتو ۽ شير شاھہ سوريءَ جي دور ۾ منشيءَ طور ڀرتي ٿيو، شهنشاھہ اڪبر جي دور ۾ پنھنجي لياقت ۽ قابليت سبب اڪبر جي بادشاهيءَ جي 22 صوبن جو وزير ماليات مقرر ڪيو ويو. کيس غور ڪرڻ، قائدن جي پابندي ۽ ڪم کي سليقي سان نڀائڻ جو وڏو ڏانءُ هو. توڏرمل ڪتاب پڙهڻ جو گهڻو شوقين هو، جنهنڪري نہ صرف علم جي حاصلات پر عقل ۽ فھم ۾ بہ ڀڙ هو. توڏر مل ڌرم ڪرم ۽ پوڄا پاٺ ۾ مڪمل هندو هو، مگر وقت جي نزاڪت کي ڏسي ويس بدلائيندو هو. توڏرمل حساب ڪتاب ۽ قانون ۾ ڪنهن سان بہ رعايت نہ ڪندو هو، هن لاءِ مشھور هو تہ هو سخت مزاج آهي. 972ھہ/ 1564ع ۾ جڏهن خان زمان کي ڪڙا مانڪ ۽ مير معيز الملڪ کي بھادر خان جي مقابلي لاءِ قنوج موڪليو، تہ اڪبر توڏر مل کي بہ مير معيز سان گڏ انهيءَ معرڪي ۾ شامل ڪيو. هن انهيءَ معرڪي ۾ پنهنجا جنگي جوهر چڱي نموني ڏيکاريا، جنهنڪري اڪبر وٽ وڏي عزت مليس. چتور، رن ٿنبور ۽ سورت جي فتحن ۾ توڙي هو شامل ڪو نہ هو مگر، انهن فتحن ۾ سندس عقل ۽ فھم لشڪر سان بهرحال شامل رهيو. 980ھہ/1572ع ۾ کيس حڪم مليو تہ پاڻ گجرات وڃي اتان جي مال گذاريءَ جو جائزو وٺي. 981ھہ/1573ع منعم خان جي سپھہ سالاري ۾ جنگ ڏاڍي ڊيگهہ ورتي ۽ اڪبر کي اها بہ خبر پئي تہ شاهي لشڪر رڳو مال غنيمت جي پويان آهي، سر ڌڙ جي بازي لڳائڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي، تہ اڪبر بادشاھہ توڏرمل جي مشوري سان، ڪن اميرن کي وڌيڪ لشڪر ڏئي قنوج موڪليو. توڏرمل بہ انهيءَ لشڪر ۾ شامل هو. سندس مٿان لشڪر جو انتظام هو. هن وڃڻ سان ئي لشڪر کي نئين نموني ترتيب ڏئي ميدان ۾ لاٿو ۽ ميدان ماريائين. اهڙي نموني پٽنا ۽ بنگال وارين لڙاين ۾ بہ هن پنهنجا جنگي جوهر ڏيکاريائين. 990ھہ/ 1582ع ۾ هن اڪبر بادشاھہ جو جشن پنھنجي گهر ۾ ڪيو. اڪبر بادشاھہ بہ وفادارن سان وفادار رهندو هو، سندس گهر ضيافت تي ويو ۽ هڪ هزاري منصب عطا ڪيائينس. 993ھہ/1584ع ۾ کيس چار هزاري منصب مليو. هن حساب ڪتاب رکڻ لاءِ ”نازن“ نالي رسالو بہ لکيو هو. توڏرمل نہ صرف اڪبر جي مالي معاملن ۾ وزير ۽ خاص وزير هو، پر هو تلوار جو بہ ڌڻي هو، جنهنڪري سندس مخالفن جو تعداد بہ چڱو خاصو وڌيل هو. 996ھہ/1587ع ۾ کيس ڪنهن حريف اوندھہ ۾ تلوار هڻي ماري وڌو. ابوالفضل انهيءَ ماجرا تي لکيو آهي تہ ڪن اميرن کي سندس نيڪ نيتيءَ تي شڪ هو تہ ڪن کي مذهبي عداوت سبب اختلاف. مگر تحقيقات کان پوءِ پتو پيو تہ راجا توڏرمل ڪنهن کتريءَ کي سندس ڪنهن غلط عمل جي سزا ڏني هئي. انهيءَ سزا ان کتريءَ جي اعصابن تي سوار رهي ۽ هو موقعي جي تلاش ۾ رهندو پئي آيو. هڪ رات اهڙو موقعو هن کي هٿ اچي ويو. آخر انهيءَ کتري ۽ سندس ساٿيءَ کي سزا ملي، پر هندوستان کي وري اهڙو مالي ماهر ۽ تلوار جو ڌڻي نہ مليو. اڪبر کي سندس قتل جو شديد صدمو پهتو هو .